حيدرآباد (بيورو رپورٽ) متحده قومي موومينٽ حيدرآباد جي اڳوڻن قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي بيان تي شديد رد عمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته حيدرآباد جي سياست کي ڪچري جي سياست چئي هن حيدرآباد جي ووٽرن جي توهين ڪئي آهي. حيدرآباد جي عوام 1987ع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين هر ظلم برداشت ڪرڻ باوجود ايم ڪيو ايم کي مينڊيٽ ڏنو آهي. بلاول ڀٽو ٻڌائي ته گذريل 15 سالن کان سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت آهي ۽ 18هين ترميم کانپوءِ هر سال هزارين ارب رپيا ملن ٿا ۽ 15 سالن ۾ انهن حيدرآباد لاءِ ڪهڙا ترقياتي ڪم ڪرايا آهن. هنن چيو ته ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي ضلعي ناظم هالاناڪي تي شهيد بينظير ڀٽو فلاءِ اوور پل تعمير ڪرائڻ جو ڪم شروع ڪرايو، ورڪرز جي کوٽ ۽ فنڊن جي نه هئڻ سبب اهو ڪم اڌ ۾ رهجي ويو. سنڌ ۾ بينظير ڀٽو جي نالي تي سياست ۽ ڪرپشن ڪندڙن 15 سالن ۾ ان پل جو ڪم به مڪمل نه ڪرايو آهي. هنن چيو ته بلاول ڀٽو ٻڌائي ته هن ڪيترا نوان ڪاليج، يونيورسٽي ۽ پارڪ ٺاهيا. ڪيترن نوجوانن کي روزگار، تعليمي ادارن ۾ داخلا ڏياري. 15 سال اڳ حيدرآباد سائيٽ ايريا ۾ سموريون صنعتون هلندڙ هيون ۽ اڄ ڇو بند آهن. هنن چيو ته حيدرآباد جو ميئر اچڻ شرط ئي 15 سالن کان ايچ ايم سي ۾ ڪچن ملازمن طور نوڪريون ڪندڙ شهرين کي فارغ ڪري ڇڏيو آهي. هر ٽائون، هر هنڌ ٻاهريان آفيسر مقرر ڪيا پيا وڃن جنهن جو مقصد پنهنجي آقائن جي خوشحالي ۽ ڪرپشن ڪرڻ آهي. هنن چيو ته حيدرآباد جي عوام آئينده به ايم ڪيو ايم جو ساٿ ڏيندي ۽ پاڻ مٿان ٿيل رياست جو بدلو ووٽ ڏئي وٺندي.