بلاول ڪي پي ۾ حڪومت ٺاهڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي

0
88
بلاول ڪي پي ۾ حڪومت ٺاهڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي
بلاول ڪي پي ۾ حڪومت ٺاهڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪي پي ۾ حڪومت ٺاهڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي، بلاول چترال جي سيٽ تي چونڊن ۾ آصفه ڀٽو زرداري کي اُميدوار طور بيهارڻ جو اشارو ڏنو آهي

چترال ۾ جلسي کي خطاب دوران بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وفاق ۾ جيالو وزيراعظم آڻڻ گهرون ٿا، جيالي وزيراعظم کان وڌيڪ کيس ڪي پي ۾ حڪومت گهرجي

هن چيو ته  نواز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان تي تنقيدي وار، ٻنهي کي سياست تان رٽائر ٿي گهر ۽ مدرسي ۾ الله الله ڪرڻ جو مشورو ڏنو

بلاول ڀٽو چيو ته عوامي مسئلن جي حل لاءِ 18 مهينن واري حڪومت جو حصو ٿيا هئاسين، پر اتحادين مسئلن بدران ذاتي دشمنيون ڪڍڻ تي ڌيان ڏنو

پي ٽي آءِ چيئرمين جي حڪومت ٽڪ ٽاڪر جي حڪومت هئي، ميان صاحب جي جي حڪومت اشرافيا حڪومت جي هوندي، پ پ جي حڪومت عوامي حڪومت هوندي، آصفه ڀٽو کي مڃائيندس ته چترال جي سيٽ تي چونڊ وڙهي

هن کي به پڙهندا

سنڌ ۾ ڏيکاريل ڪارڪردگي جي بنياد تي اليڪشن وڙهان پيو: بلاول