اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان اين اي 246 ڪراچي مان چونڊيل پي ٽي آءِ ميمبر شڪور شاد جي پارٽي رڪنيت ختم ڪري ڇڏي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آھي، پي ٽي آءِ سربراهه پارٽي جي احتساب ۽ ضابطن بابت ڪاميٽي جي سفارش تي شڪور شاد جي پارٽي رڪنيت ختم ڪئي ياد رهي ته شڪور شاد پي ٽي آءِ جي هدايت تي استعيفا ڏيڻ کان انڪار ڪيو هيو.