اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو جي شڪايتن بعد وزيراعظم شهباز شريف ن ليگ ۽ پ پ وچ ۾ سياسي، مختلف معاملن ۽ مسئلن جي حل لاءِ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي، ڪاميٽي ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، بچاءَ وارو وزير خواجا آصف، قانون ۽ انصاف وارو وزير تارڙ، احد خان چيما، رانا ثناءُالله، امير مقام، ملڪ احمد خان، مريم اورنگزيب، خواجه سعد رفيق، جعفر مندوخيل، بشير احمد ميمڻ شامل آهن، وزيراعظم پيپلز پارٽي سان تفصيلي مشاورت کانپوءِ سياسي تعاون ۽ مسئلن جي حل جي ذميواري ڪاميٽي کي ڏني آهي. ڪاميٽي پ پ جي مقرر ڪيل ڪاميٽي سان ڳالهائيندي، جنهن ۾ وزيراعليٰ بلوچستان سرفراز بگٽي به شامل هو. واضح رهي ته بلاول سنڌو مان چولستان ڪئنال جي منظوري ڏيڻ تي شديد ردعمل ڏنو هو.