ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو هن وقت ڪا به چونڊ مهم نه پيو هلائي.سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تعزيتن لاءِ مختلف علائقن جي دوري تي نڪتل آھي. ميڊيا کي انهي ڳالهه جي درستگي ڪرڻ گهرجي، هي ڪا اليڪشن مهم ناهي.هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن شيڊيول جو اعلان ٿيڻ کانپوءِ ئي پيپلز پارٽي پنھنجي چونڊ مهم شروع ڪندي.