بلاول ڀٽو زرداري ڌاٻيجي اسپيشل ايڪانامڪ زُون جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو

0
368
بلاول ڀٽو زرداري ڌاٻيجي اسپيشل ايڪانامڪ زُون جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو
بلاول ڀٽو زرداري ڌاٻيجي اسپيشل ايڪانامڪ زُون جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو

ڌاٻيجي: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڌاٻيجي اسپيشل ايڪانامڪ زُون جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو، وڏي وزير مراد علي شاهه، صوبائي وزيرن، سفارتڪارن، سيڙپڪارن ۽ ٻين طرفان تقريب ۾ شرڪت ڪئي وئي

 بلاول ڀٽو زرداري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ڌاٻيجي ايڪانامڪ زون جي قيام سان 5 ارب ڊالرز جي سيڙپڪاري ٿيندي ۽ هڪ لک ملازمتون پيدا ٿينديون

هن چيو ته ڌاٻيجي ايڪانامڪ زون جي منصوبي سان پاڪستان جي وچ ايشيا، وچ اوڀر ۽ آفريقا جي منڊين تائين پهچ به يقيني بڻجي ويندي

پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته هن منصوبي جو ڪريڊٽ آصف علي زرداري ڏانهن وڃي ٿو، ماضيءَ جي حڪمرانن تبديلي جي نالي تي رڳو تباهي ڏني، وڏي وزير مراد علي شاهه، قاسم نويد ۽ ٻين به خطاب ڪيو

هي به پڙهندا

نيب ڪورٽ وارن کي مون سان شايد عشق ٿي ويو آهي جو نه ڪيس ختم ٿا ڪن ۽ نه وري ضمانت ٿا ڏين:دراني