پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وفاقي حڪومت آڏو معاملا اٿارڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي، ڪميٽي ۾ راجا پرويز اشرف، نويد قمر، شيري رحمان، مراد علي شاهه، سرفراز بگٽي، گورنر پنجاب ۽ گورنر ڪي پي شامل، ڪميٽي وفاقي حڪومت آڏو معاملا اٿاريندي ۽ ايندڙ مهيني سي اي سي جي اجلاس ۾ رپورٽ پيش ڪندي، ڪجهه ڏينهن اڳ وزيراعظم شهبازشريف بلاول ڀٽو زرداري جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ اسحاق ڊار کي ٽاسڪ ڏنو هو، بلاول ڀٽو زرداري چيو هو ته وفاق ۾ نه عزت ڏني وڃي ٿي، نه سياست ڪئي وڃي ٿي، نه ئي معاهدن تي عمل ٿي رهيو آهي، بلاول ڀٽو زرداري حڪومت تي الزام هنيو هو ته 26هين آئيني ترميم ۾ مصروف هئس ته حڪومت پويان ڪئنالن جي منظوري ڏئي ڇڏي