بلاول پاران سنڌ سرڪار کي پ پ موڊ ۾ تيزي جي هدايت

0
28
بلاول پاران سنڌ سرڪار کي پ پ موڊ ۾ تيزي جي هدايت
بلاول پاران سنڌ سرڪار کي پ پ موڊ ۾ تيزي جي هدايت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي صدارت ھيٺ سنڌ ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي منصوبن بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وڏي وزير مراد شاھه ، سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، ناصر شاھه شرڪت ڪئي، اجلاس ۾  پ پ چيئرمين کي زراعت، ماھيگيري ۽ اليڪٽرانڪ وھيڪل چارجنگ سميت ٻين منصوبن تي بريفنگ ڏئي ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ زراعت جي شعبي ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ سان چانورن، ڪيلن، انبن، زيتونن،  کجين سميت ٻين فصلن جي پيداوار ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي، ان موقعي تي پ پ چيئرمين چيو ته صحت کان وٺي انفراسٽرڪچر تائين سنڌ حڪومت پبلڪ پرائيويٽ منصوبن ذريعي عوام جي زندگي ۾ بھتري آڻي رھي آھي،  زراعت ۽ ماھيگيري جي منصوبن سان معاشي انقلاب آڻي  سگھون ٿا، هن چيو ته  سنڌ حڪومت ملڪي معيشت  جي مضبوطي لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي صورت ۾ ڪامياب معاشي فارمولو ڏنو ـ شھيد بينظير  ڀٽو 1993ع ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جو جيڪو ويزن ڏنو، انهي جو  نتيجو اڄ سڀني جي سامھون آھي.