ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم ۾ فوري طور تي 25 سيڪڙو واڌ ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ٻوڏ متاثر ننڍن آبادگارن کي سنڌ حڪومت طرفان جلد امدادي رقم ( 5000 رپيا في ايڪڙ) فراهم ڪئي ويندي، اسان جو مقابلو سياسي مخالف يا ڪٺ پُتلي پارٽي سان ناهي، اسان غربت ۽ بيروزگاري سان ويڙهه ڪري رهيا آهيون، مخالف بينظير انڪم پروگرام جو نالو تبديل ڪرڻ ۽ اُن مان غريبن جا نالا ڪڍڻ ۾ ناڪام ٿي ويا. ڪالهه هتي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت مستحق عورتن جي نادرا ذريعي ڊائنامڪ رجسٽري واري افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته 2007 ۾ شهيد بينظير ڀٽو ملڪ ۾ غربت، مهانگائي ۽ معاشي بحران کي نظر ۾ رکندي پنهنجي منشور ۾ بينظير انڪم پروگرام جو تصور پيش ڪيو، هن چيو ته ملڪ جي بيوروڪريسي، مخالف سياستدان ۽ نام نهاد دانشور انهي پروگرام جا مخالف هئا، اهي چوندا هئا ته عوام کي فقير بڻايو پيو وڃي، هن چيو ته آئون سمجهندو آهيان ته ماڻهو جيترو امير هوندو آهي ايترو ئي ڪنجوس هوندو آهي، هن چيو ته عمران خان اقتدار ۾ هجڻ وقت چوندو هو ته اقتدار ۾ انهي ڪري ناهيان آيو ته ٽماٽن ۽ بصرن جا اگهه چڪاسيان، اسان کي ته ٽماٽي ۽ بصر جا اگهه به ڏسڻا آهن، اسان اقتدار ۾ انهي ڪري آيا آهيون ته عام ماڻهو کي رليف ڏيون هن چيو ته اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته عمران خان جي ڊاڪٽرائن جو هڪ نقطو بينظير انڪم ۾ ڪٽوتي جو هو، هن چيو ته اسان کي چيو ويندو آهي ته اسان اينٽي اسٽيبلشمينٽ آهيون پر اسان اينٽي اسٽيبلشمينٽ تڏهن ٿياسين جڏهن اسان کي ڪم ڪرڻ کان روڪيو ويو. اسان جو مقصد عوام کي اٽو، لٽو ۽ اجهو ڏيڻ آهي.