ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو شهباز شريف جي وفاقي حڪومت آڏو تڪراري معاملا اٿارڻ لاءِ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي، ڪاميٽي ۾ راجا پرويز اشرف، نويد قمر، شيري رحمان، مخدوم احمد محمود، سنڌ ۽ بلوچستان جا وڏا وزير مراد علي شاهه ۽سرفراز بگٽي، پنجاب ۽ ڪي پي جا گورنر سليم حيدر ۽ فيصل ڪريم ڪنڊي ۽حيدر گيلاني شامل هوندا، ڪاميٽي وفاقي حڪومت آڏو پ پ سان ڪيل معاهدي تي عمل، چولستان ڪئنال سميت مختلف ترقياتي رٿائن جي هڪ طرفي منظوري، پنجاب ۾ پاور شيئرنگ سميت تڪراري معاملا اٿاري ايندڙ مهيني پارٽي جي سينٽرل ڪاميٽي جي اجلاس ۾ رپورٽ پيش ڪندي، واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ وزيراعظم شهبازشريف بلاول ڀٽو جا مختلف خدشا ختم ڪرڻ لاءِ اسحاق ڊار کي ٽاسڪ ڏنو هو، بلاول ڀٽو زرداري چيو هو ته وفاق ۾ نه عزت ڏني وڃي ٿي، نه سياست ڪئي وڃي ٿي، نه ئي معاهدن تي عمل ٿي رهيو آهي، بلاول ڀٽو زرداري حڪومت تي الزام هنيو هو ته 26هين آئيني ترميم ۾ مصروف هئس، پويان حڪومت ڪئنالن جي منظوري ڏئي ڇڏي.