ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري ڪڏهن به وزيراعظم بڻجي نٿو سگهي. بلاول ڀٽو چونڊون وقت تي ڪرائڻ جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي، جڏهن ته آصف زرداري وري تڪبندين جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي. بلاول ۽ آصف زرداري عوام کي بيوقوف نه بڻائين. ڪالهه هتي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته پ پ پنهنجي 15 سالن جي دور ۾ عوام کي ڪو به رليف ناھي ڏنو، سنڌ ۾ ٽرانزيشن پيرڊ جي نالي ۾ ڪرپشن ڪئي وئي، ڪراچي جي 25 ٽائون چيئرمينز کي اڃا اختيار ناھن مليا، رڳو ڪراچي جو ميئر موجون پيو ڪري ، هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ مقامي دهشتگردن سان ملي ڪم ڪري رهي آهي، سڀني کان پهريان ڪي اليڪٽرڪ مافيا کي پڪڙڻ گهرجي، نيپرا جي ٻڌڻي ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي ظلم جي نشاندهي ڪنداسين. ڪي اليڪٽرڪ جو لائسنس رد ڪيو وڃي. هن چيو ته سرجاني ٽائون ۾ ڪنڊا مافيا خلاف آواز اٿارڻ تي اسانجي چونڊيل ڪائونسلر کي شهيد ڪيو ويو. هن چيو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم وڌي ويو آهي، اسٽريٽ ڪرمنلز پاڻ هر مهيني پنهنجو رڪارڊ ٽوڙي رهيا آهن، ڪراچي ۾ ڏوھارين خلاف آپريشن ڪري شهر جو امن بحال ڪرايو وڃي، هوڏانهن جماعت اسلامي پاران مفت آءِ ٽي ڪورس ڪرائڻ لاءِ بنو قابل جي سري هيٺ انٽري ٽيسٽ ڪرائي وئي، انهي ٽيسٽ لاءِ هڪ لک نوجوانن رجسٽريشن ڪرائي هئي