مٽياري/ھالا (رپورٽر+ن پ ا) پاڪستان پيپلزپارٽي ايم اين اي مخدوم جميل الزمان طالب الموليٰ اڪيڊمي ھالا طرفان شايع ڪرايل ڪتاب، تذڪره حضرت ابوالنجيب عبدالقاھر السھروردي جو مهورت ڪيو. مخدوم محمد امين فھيم آڊيٽوريم ھال ھالا لاڪاليج ۾ تقريب بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي مخدوم جميل الزمان چيو ته سنڌ پاڪستان کي ٺاھيو آھي،سنڌ پاڪستان جي ماء به آھي پيءُ به آھي،ان ڪري مونکي پڪ آھي ته بلاول ڀٽو زرداري جي ھوندي اھڙو نقصان سنڌ کي ڪڏھن به نٿو ٿي سگھي جنھن سان سنڌ سُڪي بنجر بڻجي. سياسي بيان ڏيڻ ٻي ڳالھه آ باقي بلاول ڀٽو وفاق ۾ ويٺو آھي ته آئون دعويٰ سان چوان ٿو ته سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ ڪڏھن ڪونه ڏيندو، ميڊيا سان ڳالھائيندي مخدوم جميل الزمان چيو ته حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ۾ ڳالھيون ٿي رھيون آھن اھو سٺو عمل آھي پر ڳالھيون پاڪستان جي فائدي ۾ ٿيڻ گھرجن ۽ ڳالھيون جھيڙي ۾ نه ٿيڻ گھرجن، وفاق ۾ ويھڻ اسان جو قانوني حق آھي ۽ وفاقي حڪومت اسان جي ڪري يعني پيپلزپارٽي جي ڪري ھلي پئي، جيڪڏهن بلاول ڀٽو زرداري نڪري وڃي ته حڪومت اڄ ئي ڊھي ويندي، ايم اين اي مخدوم جميل الزمان چيو ته پي ٽي آء پاران سول نافرماني تحريڪ ھلائڻ ناڪام ويندي ۽ عوام کي وڏو نقصان ٿيندو ان ۾ گھر جي بجلي بند ٿيندي گھر جو گيس بند ٿيندو ۽ ٻيا به نقصان آھن جڏھن ته اھي شيون اڳئي پاڪستان ۾ ناھن، مخدوم جميل الزمان چيو ته اين ايڇ اي پاران مٽياري ۾ اضافي ٽول پلازه ٺاھڻ خلاف اين ايڇ اي کي احتجاجن مون خط به لکيو آھي، پر ھنن قانوني جواب ڏنو آھي اگر ان جواب کي مسترد ڪنداسين ته اسان جو احتجاج صرف احتجاج رھجي ويندو، آئون اين ايچ اي کي چوان ٿو ته رڳو مونکي مطمئن نه ڪريو پر مٽياري جي ماڻھن کي به مطمين ڪريو.