ڪوئيٽا (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته بلاول ڀٽو ننڍي ڀاءَ جيان آهي اسان 16 مهينا گڏجي ڪم ڪيو آهي، اسان کي پختي سياست ڏانهن وڌڻ گهرجي ڇو ته روئڻ پٽڻ ۽ الزام بازي مان ڪجهه نه ورندو.ڪوئيٽا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته اسان کي گڏجي صوبي کي خوشحال بڻائڻو آهي ۽ گڏجي معاشي ۽ معاشري جا مسئلا حل ڪرڻا آهن. هن چيو ته نواز شريف جي بلوچستان جي ترقي لاءِ عملي ڪاوشون قوم جي سامهون آهن، سندس دور ۾ روڊن جو ڄار وڇايو ويو جڏهن ته گذريل حڪومت جي چار سالا دور ۾ تباهي ۽ بربادي ٿي. هن چيو ته لشڪري رئيساڻي کي ن ليگ ۾ شموليت جي دعوت ڏيڻ آيو آهيان، سندس شموليت سان پارٽي مضبوط ٿيندي، سياسي اڪابرن مسلم ليگ نون ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي، هن چيو ته جنهن کي عوام وزيراعظم چونڊيندي قوم ان کي قبول ڪندي، بلاول ڀٽو ننڍي ڀاءَ جيان آهي، 16 مهينا گڏجي ڪم ڪيو آهي، گڏيل حڪومت جي مشاورت سان فيصلا ٿيندا هئا، ناڪاري ڳالهه اِها هئي ته فيصلن ۾ دير ٿيندي هئي.