لاهور(م ڊ) پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته بلاول کي پنجاب جي هارين جو خيال اچي ويو پر هن سنڌ جي هارين جي ڳالهه نه ڪئي ڇا سنڌ ۾ ڪڻڪ جو اگهه سامهون آيو؟ سنڌ ۾ ڪهڙو ڪسان ڪارڊ ڏنو ويو؟ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اڄڪلهه پنجاب جلوسن ڌرڻن ۽ نعرن جو ڳڙهه بڻيل آهي هر سيزن ۾ ڪو نه ڪو نڪري پوي ٿو، ڪير هارين جو مسيحا بڻجي وڃي ٿو ڪير ڊاڪٽرن جو مسيحا ته ڪير مافيا سان ملي وڃي ٿو. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته هتان جي ماڻهن جذبن کي ڀڙڪائڻ، پنجاب جون حالتون خراب ڪرڻ هڪ روٽين آهي، پر کين ناڪامي ملندي.