ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاھه ۽ پارٽي جي مختلف اڳواڻن بلاول ھائوس ۾ ملاقاتون ڪيون، وڏي وزير سيد مراد علي شاھ پارٽي چيئرمين کي حڪومتي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني، هن ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ جاري ترقياتي منصوبن جا تفصيل پڻ ٻڌايا، پ پ چيئرمين ۽ وڏي وزير وچ ۾ سنڌ جي سياسي صورتحال تي پڻ گفتگو ٿي،  ھوڏانھن  آصف ايڊووڪيٽ، اڳوڻي وزير عبداللھ بلوچ  سندس فرزندن مصطفي بلوچ ۽ وليد بلوچ  پ پ چيئرمين سان ملاقات ڪئي.