اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ سيد نويد قمر ۽ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب شامل هئا، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، قانون ۽ انصاف واري وزير اعظم نذير تارڙ، اطلاعات ۽ نشريات واري وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ اٽارني جنرل پڻ شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو. وزير اعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي حڪومت جي اهم اتحادي پارٽي آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪي معيشت جي استحڪام لاءِ حڪومت جي هر قدم تي حمايت ڪئي. وزيراعظم پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران پارليامينٽ ۾ پيش ڪيل ”چارٽر آف پارليامينٽ“ کي ساراهيو ۽ چيو ته ان سان جمهوريت ۽ پارليامينٽ مضبوط ٿيندي.پاڪستان پيپلز پارٽي جي وفد ملڪي معيشت جي استحڪام لاءِ حڪومت جي اقتصادي پاليسين جي واکاڻ ڪئي. پيپلز پارٽي جي وفد حڪومتي پاليسين، قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو.