حيدرآباد (بيورو رپورٽ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي حيدرآباد واري دوري دوران آجيان لاءِ سپاف ضلعي حيدرآباد جو ڊپٽي جنرل سيڪريٽري نواب چانڊيو زخمي ٿي پيو. چيو پيو وڃي ته هو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽي زرداري جي فلٽر پلانٽ واري افتتاح واري مک تقريب ۾ شرڪت لاءِ پهتو ته مٿس گارڊن حملو ڪيو. حملي ۾ هو زخمي ٿي پيو جنهن کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل سندس تصوير بابت چيو ويو آهي ته هن تي بلاول ڀٽي زرداري جي گارڊن حملو ڪيو جنهن ڪري هو زخمي ٿيو.