ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي جلسي سبب شهرين جي قسمت جاڳي پئي آهي، اسٽيٽ لائف بلڊنگ کان جلسي گاهه ڏانهن ايندڙ روڊ ٽٽل هجڻ بعد جلسي سبب هڪ ڏينهن اندر تيار ۾ تيار ڪيو ويو آهي، مزدورن جي عالمي ڏينهن تي ميرپورخاص جي گاما اسٽيڊيم ۾ رٿيل جلسي کي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه سميت ٻيا وزير ۽ اڳواڻ خطاب ڪندا، بلاول ڀٽو زرداري جي آمد کان اڳ ميرپورخاص ميونسپل ڪارپوريشن هڪ ڏينهن اندر ورهين کان ٽٽل روڊ تيار ڪري ڇڏيا آهن، ميونسپل ڪارپوريشن جي اهڙي جادوئي انداز کي ڏسي شهري پڻ خوش نظر اچي رهيا آهن، جلسي گاهه ڏانهن ايندڙ رستن کي به ٺاهيو ويو آهي، جڏهن تي گاما اسٽيڊيم جي پويان واري روڊ کي مڪمل ٺاهيو ويو آهي، شهرين واجد لغاري، لالا اظهر پٺاڻ، محمد خان لغاري سميت ٻين چيو ته جيڪڏهن ميونسپل ڪارپوريشن صرف جلسي سبب ڪم ڪندي ته اسان گزارش ڪنداسين ته پ پ پاران روز ميرپورخاص ۾ جلسا ڪري، جيئن شهر جي حالت بهتر ٿي سگهي، هن چيو ته ڪيترن سالن کان ٽٽل روڊن کي هڪ ڏينهن اندر ٺاهڻ سان ثابت ٿيو آهي ته جيڪڏهن چونڊيل نمائندا سچائي سان ڪم ڪن ته سڀ ڪجھ ٿي سگهي ٿو.