بلاول جو آصف زرداري جي بيان سان اختلاف

0
210

ڪراچي(نمائندن وٽان) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته رڳو گهر جي ڳالهين ۾ آصف زرداري جي بيانن جو پابند آهيان، سياسي ۽ آئيني معاملن ۾ پيپلز پارٽي جِي سي اي سي جَي فيصلن جو پابند آهيان، تڪبندين کانپوءِ چونڊن واري بيان بابت سوال آصف زرداري کان ئي پڇڻ گهرجي، سي اي سي اجلاس ۾ فيصلو ٿيو هو ته 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرايون وڃن

بدين ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته معاشي مسئلا ايڏا ته ڳنڀير آهن جو نگران حڪومت حل نٿي ڪري سگهي، نگران حڪومت بجلي، پيٽرول ۽ ڊالر جو مُلهه گهٽائي سگهي ٿي ته ڀلي جادو ڏيکاري، معاشي بحران جلد حل ٿيڻ وارو نه آهي، اُن کي عوام جي چونڊيل حڪومت ئي حل ڪري سگهي ٿي

هن چيو ته ڪيئر ٽيڪرز تي اعتراض ناهي، پر هو چيئر ٽيڪرز نه بڻجن، جتي وڃان ٿو، عوام جي چهرن تي مايوسي نظر اچي ٿي، معاشي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي