سکر(بيورو رپورٽ) بلاول ڀٽو زرداري اڄ سکر پهچندو، عدالتي حڪم جي ابتڙ ميونسپل اسٽيڊيم ۾ جلسي جي تياري، 10 هزار ماڻهن جي ويهڻ لاءِ ڪرسيون ۽ صوفيا رکيا ويا، ٻن ڏينهن کان نوجوانن لاءِ اسٽيڊيم بند، شهر ۾ بلاول جي آجيان لاءِ پينا فليڪس لڳي ويا. ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري  (اڄ) سکر پهچندو، سکر ميونسپل اسٽيڊيم ۾ ڪئنال متاثرن ۾ الاٽمينٽ آرڊر تقسيم ڪرڻ جي نالي تي جلسي جا انتظام ڪيا ويا، ميونسپل اسٽيڊيم ۾ عوامي جلسي جون تياريون جاري مڪمل ٿي ويون آهن، پنڊال ۾ ڪرسيون، صوفا، لائٽنگ لڳي ويون. ٻئي طرف ميونسپل اسٽيڊيم ۾ ٻن ڏينهن کان نوجوانن لاءِ انتظاميا بند ڪري ڇڏيو، عدالت طرفان گرائونڊس ۾  سياسي جلسا، شادي جون تقريبون منعقد نه ڪرڻ واري واضع حڪم جي ابتڙ پ پ اسٽيڊيم ۾ جلسو منعقد ڪيو ويو، آچر واري ڏينهن صبح توڙي شام جو وڏي انگ ۾ شهري آبادي ساب تعلق رکندڙ نوجوان ڪرڪيٽ راند کيڏڻ لاءِ اسٽيڊيم پهچڻ ٿا جن لاءِ اسٽيڊيم جا دروازا بند ڪيا ويا. پ پ اڳواڻن طرفان مختلف وقتن تي اسٽيڊيم پهچي انتظامن جو جائزو ورتو ويو، تقريب ۾ سيد خورشيد احمد شاهه، سينيٽر اسلام الدين شيخ، سيد ناصر حسين شاهه، ميئر سکر ارسلان اسلام شيخ، ڄام اڪرام الله ڌاريجو ۽ ٻيا شرڪت ڪندا. پ پ سکر سٽي جي ذميوارن مطابق ميونسپل اسٽيڊيم ۾ 10 هزار ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش رکي وئي آهي جنهن ۾ 7000 ڪرسيون لڳايون ويون آهن ۽ باقي صوفا لڳايا ويا آهن.