پيرس (انٽريسٽنگ نيوز) بلانچ مونيئر نالي ڇوڪري جي ڪهاڻي اهڙي آهي، جيڪا ڪنهن شخص جو به انسانيت تان اعتماد ختم ڪري سگهي ٿي، بلانچ جي ڪهاڻي 1901ع ۾ منظر عام تي آئي، جڏهن پيرس جي اٽارني جنرل کي 25 سال پراڻي ڪيس جي باري ۾ هڪ عجيب ۽ غريب خط مليو، ان جا تفصيل اٽارني جنرل لاءِ ايترا پريشان ڪندڙ هئا جو هن فوري طور جاچ شروع ڪئي ۽ ڇرڪائيندڙ نتيجي تي پهتو، اهو سڀ مونيئر خاندان ۽ انهن جي ڌيءَ بلانچ مونيئر بابت هيو، جن جي معاشري ۾ وڏي عزت ۽ اعليٰ مرتبو هو، بلانچ مونيئر 1849ع ۾ ميڊم لوئيس مونيئر ۽ چارلس مونيئر جي گهر پيدا ٿي، والده ميڊم لوئيس معاشري ۾ پنهنجي خيراتي ڪمن لاءِ مشهور هئي ۽ والد چارلس مونيئر مقامي آرٽس فيسيلٽي جو انچارج هو، بلانچ هڪ سماجي ڪارڪن، تمام نرم مزاج، سٺي طبيعت ۽ جسماني طور تي خوبصورت ڇوڪري هئي، جنهن کي هڪ وڏي عمر جي وڪيل سان پيار ٿي ويو هو، سندس ان حرڪت سندس والدين کي تمام گهڻو ناراض ڪيو ۽ انهن ان رشتي کي قبول نه ڪيو، ڌيءَ کي ڪيترا ڀيرا سمجهايو پر اها پنهنجي ضد تان نه لٿي، معاشري ۾ مونيئر خاندان جي شهرت سبب بلانچ اڪثر ماڻهن جي نظرن ۾ رهندي هئي ۽ هڪ ڏينهن اوچتو اها گم ٿي وئي، جنهن کي ماڻهن فوري طور محسوس ڪيو، جڏهن ماڻهن سندس باري ۾ پڇيو ته والده ماڻهن کي ٻڌايو ته بلانچ سفر تي نڪتل آهي، وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ماڻهن ڇوڪري جي باري ۾ سوال ڪرڻ ڇڏي ڏنو ۽ پنهنجي دنيا ۾ مصروف ٿي ويا، پر پوءِ ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي بعد 1901ع ۾ مقامي اٽارني جنرل کي هڪ گمنام خط آيو، جنهن بلانچ جي ٺڪاڻي جي خوفناڪ حقيقت کي ظاهر ڪيو، خط ۾ لکيل هو: محترم اٽارني جنرل، مون کي اهو اعزاز حاصل ٿي هريو آهي ته مان اوهان کي هڪ غير معمولي سنگين ڪيس کان آگاهه ڪري رهيو آهيان، مان هڪ غير شادي شده عورت جي باري ۾ ڳالهه ڪري رهيو آهيان، جيڪا مونيئر خاندان جي گهر ۾ بند آهي، جيڪا گذريل پنجويهه سالن کان اڃ ۽ بک تي پنهنجي ئي غلاظت ۽ گندگي ۾ زندگي گذاري رهي آهي، خط ملندي ئي جلد ئي عملدارن گهر جي تلاشي ورتي، جيتوڻيڪ گهر وارن اهلڪارن کي اندر اچڻ کان روڪڻ جون ڪوششون ڪيون پر اهي آخرڪار گهر ۾ داخل ٿي ويا، سڪيورٽي اهلڪارن گهر جي تلاشي شروع ڪئي ۽ محسوس ڪيو ته مٿين واري دورازي مان بدبوءِ اچي رهي آهي، جيڪو سختي سان بند هو، پوليس اهلڪار دروازو ٽوڙي اندر داخل ٿيا ۽ جيڪو ڪجهه ڏٺو ان تي يقين نه ڪري سگهيا، اوندهه ۾ غلاظت وچ ۾ اگهاڙي ڇوڪري بستر تي رسين سان ٻڌل هئي، سج جي روشني ڪمزور عورت جي چوڌاري سڙيل مڇي، گوشت، ماني جا ٽڪڙا، پاخاني ۽ جيتن کي ظاهر ڪيو، ڪيترن ڏهاڪن ۾ اهو پهريون موقعو هو، جڏهن بلانچ کي ڪن ٻاهر جي ماڻهن ڏٺو هو ۽ 1876ع کانپوءِ پهريون ڀيرو هن سج جي روشني ڏٺي هئي، اڳوني سماجي ڪارڪن وٽ ايتري طاقت به نه هئي، جو اها بيت الخلا وڃي سگهي، جنهن سبب اها پنهنجي ئي فضلي ۾ گهيريل هئي، اهو معجزو هو ته هوءَ اڃا تائين زنده هئي، سڪيورٽي سندس والده ۽ ڀاءُ مارسل کي گرفتار ڪرڻ بعد بلانچ کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته والد جو انتقال ڪجهه سال اڳ ٿيو هو، افسوس جي ڳالهه اها آهي ته بلانچ آزاد ته ٿي پر تمام گهڻي نفسياتي ۽ جسماني اذيت سبب اها ڪڏهن به نارمل زندگي گذاري نه سگهي، هن پنهنجي باقي زندگي بوئس جي هڪ طبي اداري ۾ گذاري ۾ 1913ع ۾ 64 سالن جي عمر ۾ فوت ٿي وئي.