اسلام آباد(بيورو رپورٽ) بلال اظهر ڪياني کي ناڻي بابت مملڪتي وزير جو قلمدان ڏنو ويو. ڪابينا ڊويزن جي پڌرائي مطابق وزير اعظم شهباز شريف پاران بلال اظهر ڪياني کي ناڻي بابت مملڪتي وزير جو قلمدان حوالي ڪيو ويو آهي. واضع رهي ته بلاول اظهر ڪياني پهريان ئي مملڪتي وزير ريلوي ۽ وزير اعظم ڊليوري يونٽ جو سربراهه آهي.