نئين دهلي(اسپورٽس نيوز) بلائنيڊ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ ڀارتي بلائينڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي پاڪستان اچڻ لاءِ اڃا تائين حڪومتي منظوري نه ملي سگهي. ڀارتي بلائينڊ ڪرڪيٽ ٽيم حڪومتي اجازت جي منتظر آهي، ڀارتي ٽيم کي پاڪستان ۾ بلائينڊ ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ حصو وٺڻو آهي. ڀارتي بلائينڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي راندين واري وزارت طرفان اين او سي ملي چڪي آهي جڏهن ته گهرو ۽ پرڏيهي کاتي وٽان اڃا تائين ڪليئرنس ناهي ملي. ان ڏس ۾ انڊين بلائينڊ ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي سيڪريٽري شليندر يادو جو چوڻ آهي ته ٻن هفتن کان حڪومتي ڪليئرنس جو انتظار ڪري رهيا آهيون، حڪومت طرفان ها يا نه ۾ جواب گهرجي.