لاهور(اسپورٽس نيوز) بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي ٽيم ڏکڻ آفريڪا کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. ٽيم 7 اوورن ۾ 129 رنسون اسڪور ڪيون. ليسيڊي لي سوفي 24 رنسون ٺاهي نمايان رهيو. ترهار 17 ۽ ٽيبوهو فرانسس 15 رنسون ٺاهيون. پاڪستان جي بابر علي 2 ۽ شاهه زيب هڪ رانديگر آئوٽ ڪيو. 130 رنسن جو هدف پاڪستان جي ٽيم 11هين اوور ۾ ٻن وڪيٽن تي حاصل ڪري ورتو ۽ 8 وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪئي. ٻي ميچ ۾ سري لنڪا نيپال کي شڪست ڏني. بنگلاديش کي ڀارت خلاف واڪ اوور ڏنو ويو.