لاهور (اسپورٽس نيوز) بلائنڊ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت خلاف حريف ٽيمن کي واڪ اوور ڏنو ويو آهي، بلائنڊ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ اڄ کان پاڪستان ۾ شروع ٿي رهيو آهي، ڀارتي حڪومت جي فيصلي ڀارتي بلائنڊ ٽيم کي ايونٽ ۾ شرڪت کان محروم ڪري ڇڏيو، تنهن ڪري منتظمين ايونٽ جا ميچز ري شيڊول ڪرڻ بدران ڀارت خلاف ٽيمن کي واڪ اوور ڏئي ڇڏيو آهي، اڄ شيڊولڊ ميچ ۾ بنگلاديش، 24 نومبر تي ڏکڻ آفريڪا ۽ 25 نومبر تي پاڪستان کي واڪ اوور ملي ويو، ان کان سواءِ 26 نومبر تي افغانستان ۽ 29 نومبر تي نيپال کي به ڀارت سان ميچ ۾ واڪ اوور مليو، واضح رهي ته ڀارتي حڪومت بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ اين او سي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، واڪ اوور هڪ اسطلاح آهي، جيڪو راندين ۾ استعمال ٿيندو آهي، ان جو مطلب آهي ته ڪنهن ٽيم يا رانديگر کي بنا مقابلي سوڀ ڏني وڃي، ڇو ته سندن مخالف يا ته مقابلي ۾ شامل نه ٿي سگهيو يا دستبردار ٿي ويو.