سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ سکر ۾ سنڌ مارڪيٽ ڪاميٽي ايمپلائيز ايسوسيئيشن طرفان ڪارخانن مان مارڪيٽ فيس جي گهٽ اوڳاڙي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ڊي جي ايگريڪلچر مارڪيٽنگ سنڌ، ڊائريڪٽر ۽ ٻيا واسطيدار پيش ٿيا، عدالت ڊي جي ايگريڪلچر مارڪيٽنگ حيدرآباد کي اسسٽنٽ ڪمشنرن جي مدد سان ڊيفالٽ ڪارخانن مان مارڪيٽ فيس اوڳاڙي ڪرائي رپورٽ 21 جنوري تي جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، درخواستگذارن جي وڪيل سهيل کوسو دليل ڏيندي چيو ته سيڪريٽري زراعت پرائيس ڪنٽرول/بيورو آف سپلاءِ طرفان سال 2011ع ۾ مارڪيٽ ڪاميٽي فيس اوڳاڙي جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سارين جي اي ڪيٽيگري ڪارخانن مان 40 هزار، بي ڪيٽيگري ڪارخانن مان 30 هزار ۽ سي ڪيٽيگري تحت 20 هزار رپيا مارڪيٽ فيس اوڳاڙي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته موجوده حالتن جي پٽاندڙ ڄاڻايل ڪيٽيگري وائيز ڪارخانن مٿان ڏيڍ لک کان هڪ لک رپين تائين سالياني مارڪيٽ فيس لاڳو ٿئي ٿي، ان کان علاوهه سنڌ جي مختلف مارڪيٽ ڪاميٽين کي ڪارخانيدار جاري ٿيل نوٽيفڪيشن موجب مارڪيٽ فيس به نه ٿا ڏين، ڊيفالٽ ڪارخانن مان مارڪيٽ فيس نه ملڻ ڪري مارڪيٽ ڪاميٽين جي آمدني گهٽجي وئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ گذريل 12 ورهين ۾ سارين ۽ ٻين ڪارخانن مان 3 ارب 53 ڪروڙ 53 لک 20 هزار رپيا گهٽ اوڳاڙي ٿي، جڏهن ته شگر ملن کان بقاياجات جي مد ۾ 3 ارب 73 ڪروڙ 63 لک 646 رپيا اوڳاڙي نه ٿيڻ ڪري مارڪيٽ ڪاميٽين جي خساري واري صورتحال آهي، خساري جي نتيجي ۾ مالي بحران وڌي ويو آهي، سنڌ جي مارڪيٽ ڪميٽين مان سال 2002ع کان وٺي هن وقت تائين 325 ملازم رٽائرڊ ڪري ويا آهن، گهٽ آمدني ٿيڻ ڪري مارڪيٽ ڪميٽين جي حاضر سروس ملازمن کي پگهارون ۽ رٽائرڊ ملازمن کي پينشن توڙي گريجوئٽي جي رقم ڏيڻ جا مسئلا درپيش اچي رهيا آهن، جيڪي ورهين کان حل نه ٿيڻ ڪري رولڙي جي ورچڙهيل آهن، اسان جي عدالت کي استدعا آهي ته مارڪيٽ فيس شيڊيول روائيز ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرائي ڊيفالٽ ڪارخانن مان ڊپٽي ڪمشنرن معرفت اوڳاڙي ڪرائي وڃي، عدالت ڊي جي ايگريڪلچر مارڪيٽنگ سنڌ کي اسسٽنٽ ڪمشنرن جي مدد سان ڊيفالٽ ڪارخانن مان مارڪيٽ ڪميٽي فيس اوڳاڙي ڪرائي رپورٽ 21 جنوري 2025 تائين جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهيعدالت ڊي جي ايگريڪلچر مارڪيٽنگ سنڌ کي اسسٽنٽ ڪمشنرن جي مدد سان ڊيفالٽ ڪارخانن مان مارڪيٽ ڪميٽي فيس اوڳاڙي ڪرائي رپورٽ 21 جنوري 2025 تائين جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.