بصرن جي ايڪسپورٽ تي پابندي ڇو؟ سنڌ سرڪار  پاران وفاقي حڪومت جو فيصلو رد 

0
108
بصرن جي ايڪسپورٽ تي پابندي ڇو؟
بصرن جي ايڪسپورٽ تي پابندي ڇو؟ سنڌ سرڪار  پاران وفاقي حڪومت جو فيصلو رد 

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار بصرن جي  پرڏيهه ايڪسپورٽ تي پابندي لڳائڻ واري وفاقي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو.

زراعت واري صلاحڪار منظور وساڻ چيو آهي ته بصرن جي ايڪسپورٽ تي وفاق جو ھڪ طرفو فيصلو ايڪسپورٽرن ۽ سنڌ جي آبادگارن لاءِ نقصانڪارآھي. سنڌ سميت ٻين صوبن کي ٻڌائڻ بنا وفاق ايڪسپورٽ تي پابندي لڳائي آهي، جيڪا سنڌ جي زراعت لاءِ نقصانڪارآھي، هن مطالبو ڪيو آهي ته ايڪسپورٽ تي پابندي لڳائڻ وارو فيصلو واپس  ورتو وڃي.

هڪ بيان ۾ هن چيو ته بصرن جي ايڪسپورٽ تي پابندي لڳائڻ سان مھانگائي جو جن ڪنٽرول نه ٿيندو، ويتر آبادگارن جو وڌيڪ نقصان ٿيندو، ناڻي واري وفاقي وزير کي زراعت جي ذري برابر به خبر ناھي،

ھن چيو ته حڪومت جيڪڏھن مھانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ چاھي ٿي ته ڊي اي پي ۽ يوريا ڀاڻ، زرعي دوائون ۽ ڊيزل سستو ڪري ۽ بني گالا ۾ ويٺل مافيا کي پڪڙيو وڃي. هن چيو آهي ته سنڌ جا بصر مارڪيٽ ۾ اچڻ شروع ٿي ويا آھن، جيڪا  هيل بصرن جي پيداوار پڻ 20 سيڪڙو وڌيڪ آھي،