ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي ) نواز ليگ سرگرم: نواز ليگ سنڌ جي صدر بشير ميمڻ جي اڳوڻي ايم پي اي اختر جدون سان والده جي لاڏاڻي تي تعزيت، ملير ۾ فشر فوڪ جو سرگرم اڳواڻ سيد يوسف شاھ نواز ليگ ۾ شامل ان حوالي سان نواز ليگ سنڌ جي صدر بشِير ميمڻ ڪالهه ڪياماڙي ۾ اڳوڻي ايم پي اي ۽ صوبائي وزير اختر جدون وٽ پهچي سندس والده جي وفات تي تعزيت ڪئي، ان موقعي تي کيس نواز ليگ ۾ شموليت جي آڇ ڪئي وئي، هوڏانهن ملير ضلعي ۾ فشر فوڪ جي سرگرم اڳواڻ ۽ اڳوڻي ٽائون ناظم سيد يوسف شاھ بشير ميمڻ سان ملاقات کانپوءِ نواز ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي بشير ميمڻ چيو ته نواز ليگ هيل سنڌ ۾ ڪلين سوئيپ ڪندي