اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڊيالا جيل ۾ توشا خانه 2 ڪيس جي ٻڌڻي اسپيشل جج سينٽرل شاهه رخ ارجمند ڪئي. توشا خانه 2 ڪيس ۾ سلمان اڪرم راجا، سلمان صفدر ۽ عثمان گل طرفان وڪالت نامو جمع ڪرايا ويا، پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشريٰ بي بي تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو، ڪيس ۾ وڪيلن پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشريٰ بي بي جي بريت لاءِ درخواستون داخل ڪري ڇڏيون. ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر مخالفت ڪندي چيو ته ڄاڻي واڻي فرد جرم لاڳو ٿيڻ نه پيو ڏنو وڃي، بريت جي درخواست داخل ٿيڻ جو مطلب اهو ناهي ته ڪيس جي ٻڌڻي نه ٿئي. عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 5 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. پي ٽي آءِ جي باني کي اڊيالا جيل آندو ويو. جڏهن ته بشري بي بي ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ پڻ اڊيالا جيل پهتي. هوڏانهن ايف آءِ اي بشريٰ جي ضمانت واري هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو. ايف آءِ اي استدعا ڪئي ته بشريٰ کي ضمانت واري هاءِ ڪورٽ اسلام آباد جي فيصلي کي ڪالعدم قرارڏ نو وڃي. ايف آءِ اي درخواست سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته هاءِ ڪورٽ جي هڪ جج چمبر ۾ ضمانت ڏني. سپريم ڪورٽ جي طئي ڪيل اصولن کي نظر ۾ نه رکيو ويو. سپريم ڪورٽ هڪ فيصلي ۾ اهو اصول طئي ڪري چڪي آهي ته عورت هجڻ باوجود جيڪڏهن ڪنهن جو ڪرمنل رڪارڊ آهي ته ان کي ضمانت نٿي ملي سگهي. 263 ڏينهن ڪنهن کي جيل ۾ رهڻ جي بنياد تي ضمانت نٿي ڏئي سگهجي.