بشريٰ سعودي جو نالو ناهي کنيو، سازش ۽ ڊرامو آهي، سڀاڻي ضرور احتجاج ٿيندو: عمران

0
23
بشريٰ سعودي جو نالو ناهي کنيو، سازش ۽ ڊرامو آهي، سڀاڻي ضرور احتجاج ٿيندو: عمران
بشريٰ سعودي جو نالو ناهي کنيو، سازش ۽ ڊرامو آهي، سڀاڻي ضرور احتجاج ٿيندو: عمران

راولپنڊي / اسلام آباد (م ڊ)  پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان، بشريٰ بي بي جي سعودي عرب بابت بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته گهرواري  جو بيان ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو بشريٰ بي بي سعودي جو نالو ناهي کنيو، احتجاج تان ڌيان هٽائڻ لاءِ سازش ۽ ڊرامو ڪيو ويو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ پي ٽي آءِ باني چيو ته 24 نومبر غلاميءَ کان ڇوٽڪاري جو ڏينهن آهي، ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني، آئين جي پاسداري ۽ انساني حق معطل آهن، جنهن ڪري پوري قوم جو ٻاهر نڪري قرباني ڏيڻ اڻٽر ٿي چڪو آهي. هن چيو ته قوم کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته بهادر شاهه ظفر وانگر موت تائين غلاميءَ جو طوق پائڻو آهي يا ٽيپو سلطان جيان مرڻ گهڙيءَ تائين آزادي جو تاج پائڻو آهي! عمران خان چيو ته سعودي عرب سان سندس مثالي لاڳاپا آهن، جڏهن وزير آباد ۾ مٿس قاتلاڻو حملو ٿيو هو تڏهن سڀ کان پهرين ڪال سفارتخاني ذريعي ولي عهد محمد بن سلمان جي آئي. هن چيو ته سندس حڪومتي دور ۾ محمد بن سلمان پاڪستان جو تاريخي دورو ڪيو، حڪومت جي خاتمي کان ٻه هفتا اڳ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس اسلام آباد ۾ ٿي جيڪا سعودي عرب کانسواءِ ناممڪن هئي، سعودي عرب هر مشڪل مرحلي ۾ اسان سان گڏ بيٺو رهيو. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته بشريٰ بي بي جي بيان کي ٽوڙي مروڙي قوم جو ڌيان ڀٽڪائڻ جي ناڪام ڪوشش نه ڪئي وڃي، هن سعودي عرب جو نالو ناهي کنيو.