بشريٰ جو بيان ملڪ تي حملو قرار: پاڪ – سعودي دوستي ۾ ڏار وجهندڙن جا هٿ وڍي ڇڏينداسين: وزيراعظم جو اعلان

0
22
بشريٰ جو بيان ملڪ تي حملو قرار: پاڪ - سعودي دوستي ۾ ڏار وجهندڙن جا هٿ وڍي ڇڏينداسين: وزيراعظم جو اعلان
بشريٰ جو بيان ملڪ تي حملو قرار: پاڪ - سعودي دوستي ۾ ڏار وجهندڙن جا هٿ وڍي ڇڏينداسين: وزيراعظم جو اعلان

تونسا شريف (م ڊ) وزيراعظم بشريٰ بي بي جي بيان کي ملڪ دشمني قرار ڏئي ڇڏيو، شهباز شريف اعلان ڪندي چيو ته  سعودي عرب ۽ پاڪستان جي دوستي کي نقصان پهچائڻ لاءِ اٿندڙ هٿ ڪپي ڇڏينداسين، سعودي عرب خلاف زهر اوڳاڇيو پيو وڃي، هو ڇا چوندا ته پاڪستان جو عوام، حڪومت ۽ سياستدان ڪهڙا آهن؟ تونسا شريف ۾ ڪڇي ڪئنال منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اهڙي فطرت جي ماڻهن کي اندازو ناهي ته سندن بيان سان پاڪستان کي ڪيترو نقصان ٿي سگهي ٿو، ذاتي ۽ سياسي مفادن لاءِ نفرتن جو ٻج ڇٽيو پيو وڃي، هي ڪهڙو سياسي مفاد آهي جيڪو پاڪستان جي اعليٰ ترين مفاد کي ڪَٽي رهيو آهي، ڪنهن کي پاڪستان جي مفادن سان کيڏڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. قومي مفادن کي نقصان پهچايو پيو وڃي، سعودي عرب هر محاذ تي پاڪستان جي مالي سفارتي ۽ عالمي حمايت ڪئي آهي، جيئن هڪ ڀاءُ ٻئي ڀاءُ جي مدد ڪندو آهي، اهڙي طرح سعودي عرب پاڪستان جي مدد ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته  سعودي عرب هميشه پاڪستان جي مالي، اقتصادي ۽ ڊپلوميٽڪ مدد ڪئي، بدلي ۾ سعودي حڪومت ڪڏهن ڪجهه ناهي گهريو، ڪالهه سعودي عرب خلاف جيڪو بيان ڏنو ويو، ان کان وڏي ملڪ دشمني نٿي ٿي سگهي. شهباز شريف چيو ته سعودي پاڪستان جو اهڙو برادر ملڪ آهي جنهن جي جيتري تعريف ڪجي گهٽ آهي، تقريب کي خطاب ڪندي پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز چيو ته هڪ عورت جنهن جو سياست سان پري پري تائين واسطو نه آهي ان ڪالهه پاڪستان تي جيڪو حملو ڪيو آهي مون کي پنهنجي ڪنن ۽ اکين تي يقين نٿو اچي.