لاهور (م ڊ) اينٽي ڪرپشن طرفان مفرور جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪريڪ ڊائون جو سلسلو جاري آهي، جنهن دوران اڳوڻي خاتون اول بشريٰ بي بي جي ڀاءُ، اڳوڻن صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي گهرن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن. اينٽي ڪرپشن جي ترجمان ٻڌايو ته اينٽي ڪرپشن گذريل رات ساهيوال، اوڪاڙه ۽ پاڪپتن ۾ مفرور جوابدارن جي گهر تي ڇاپا هنيا. اينٽي ڪرپشن ساهيوال اڳوڻي ايم اين ايز راءِ حسن نواز ۽ راءِ مرتضيٰ اقبال جي گهرن تي ڇاپا هنيا. اڳوڻي ايم پي اي نعيم ابراهيم، سياسي اڳواڻ سليم صادق جي گهر تي به ڇاپا هنيا ويا. اڳوڻي خاتون اول بشريٰ بي بي جي ڀاءُ احمد مجتبيٰ جي گرفتاري لاءِ به ڇاپا هنيا ويا. پر سمورا جوابدار موقعي تان فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جنهن سبب سندن گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي. ڊي جي اينٽي ڪرپشن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سمورن گهربل جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ ضرور آندو ويندو.