اسلام آباد (بيورو رپورٽ) احتساب عدالت القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي جي ضمانت منظور ڪري ورتي، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ گهرواري بشريٰ بي بي سوڌو احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو، احتساب عدالت عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي جي القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ عبوري ضمانت منظور ڪئي، ڪيس جي ٻڌڻي جج محمد بشير ڪئي، عدالت بشريٰ بي بي جي ضمانت جي درخواست منظور ڪئي، جج محمد بشير بشريٰ بي بي کي چيو ته بس حاضري ٿي وئي اوهان عمران خان سان گڏ ئي ويٺا رهو، 5لک رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪئي وئي، بشريٰ بي بي جي وڪيل عدالت کي آگاهه ڪندي چيو ته بشريٰ بي بي کي ڪو به نوٽيس وصول ناهي ٿيو، بشريٰ بي بي باپرده، پرهيزگار ۽ گهريلو عورت آهي.