بس هڪڙي هئي بينظير

0
185
بس هڪڙي هئي بينظير

   هو لازوال هئي ، هو بي مثال هئي، هو صرف ۽ صرف دنيا جي هڪڙي بينظير هئي، دنيا ۾ کوڙ سارا ماڻهو اهڙا هوندا جن جو، پنهنجي ڪنهن نه ڪنهن ڪارنامي سبب ڪنهن نه ڪنهن ،سياسي سماجي خدمتن سبب هن دنيا ۾ هميشه جي لاءِ امر بڻجي ويندا آهن.

 پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ سنڌ جي ڀٽن ۽ پاڪستان جي سياسي پارٽين ۾ هڪ اهڙي سياسي پارٽي به  آهي جنهن جو پنهنجو هڪ سياسي ڪعبو به آهي ۽ پنهنجي هڪ سياسي ڪربلا به آهي۽ جنهن جي پنهجو هڪ گنج شهيدان به آهي، ۽ سياسي شام غريبان به آهي  جيڪا آهي لاڙڪاڻي جي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو.

جتي هر سال شهيدن جون ورسيون ۽ سالگرا هون به ٿينديون آهن ڳڙهي خدابخش هاڻي هڪ سياسي درسگاهه آهي. جتي لکن جي تعداد ۾ سياسي مريد پنهجن سياسي پيرن جي درگاهه تي اچي حاضري ڀريندا آهن. هن سياسي ڪعبي جي سياسي امامن جن ۾قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو،شهيد شاهنواز ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو، شهيد راڻي بينظير ڀٽو، اهڙيون هستيون آهن جن کي هر سال لکين عقيدتمند ڀيٽا پيش ڪنداآهن  ۽هي اعزاز صرف  سياسي سچائي ۽ سياسي بهادري سياسي عقلمندي ۽ سياسي اڪابري  جي بنياد تي کين مليو. تن کان علاوه اهي گمنام شهيد 18 آڪٽوبر وارا جن جي قبرن تي  لکيل آهي ته “ها مان ڀٽو آهيان.”

اهڙي شاهڪار ۽ شاندار تاريخ رکندڙ سياسي پارٽي صرف پاڪستان پيپلز پارٽي آهي، جنهن جي آبياري  به شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي رت جو ريج ڏيئي ڪئي هئي. ۽ سندس  سياسي پورهئي ، سياسي ميراث کي سنڀالڻ جي ذميواري سندس بهادر ڌيءَ ۽ ماروي ملير جي شهيد محترمه بينظير ڀٽو  نڀائي. پنهجي والد جي مشن جي تڪميل جي لاءِ  جيترو ڀوڳيو جيتريون سختيون ۽ تڪليفون سٺيون اهي به تاريخ جي ڪتابن ۾ سونهري اکرن سان لکيون وينديون. شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو، جيڪا پنهجي شهيد والد جي  سياسي جانشين ۽ حقيقي وارث هئي، تنهن پنهنجي والد جي سياسي فلسفي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ وسان نه گهٽايو،  جنهن مارشلا جي دور ۾ جيل جون سختيون ڪاٽيون، لٺيون کاڌيون، ڪال ڪوٺڙين۾ قيد بند جون اذيتون سٺيون، جنهن تي ان زماني جي  ڪنهن شاعر هيئن چيو هو ته.

جن پيرن ۾ پٽ ريشم هئا تن پيرن ۾ زنجير ڏٺم

هي حال نڀاڳي قسمت جا ڳوڙهن سان لکان يا رت سان لکان. پنهنجي والد جي شهادت کان پوءِ، هو هڪ يتيم ۽ لاوارث نياڻي هئي، پر سندس  حوصلو ۽ عزم هماليه کان به وڌيڪ اوچو مضبوط ۽ مستحڪم هو،  والد جي شهادت کان پوءِ جيتري هوءَ اڪيلي هيڻي۽ بظاهر ڪمزور تصور  ڪئي پئي ويئي پر در حقيقت هو هڪ طاقتور ۽ فولادي جوش ۽ ولولي جو هڪ پهاڙ ٿي اڀري، هن تي گهڻ رخيون ذميواريون ڪنهن مصيبت جيان اچانڪ اچي ڪڙڪيون،. جڏهن هو شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي سياسي فلسفي جي والي وارث هئي تنهن  ڪري ملڪ جي عوام جي سياسي اڳواڻ ۽ سربراهه به هئي.  هن انهن کي سنڀالڻ انهن کي پاڻ سان گڏ کڻي هلڻ انهن جي سار سنڀال لهڻ، پارٽيءَ کي مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ، ماڻهن کي منظم ڪرڻ، ۽ متحرڪ ڪرڻ جي ذميواري  کي  بهتر انداز ۾ هلايو.

شهيد راڻي بينظير سياسي ميدان ۾ بينظير هئي هن پنهجي سياسي مخالفن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون، سندس سياسي مخالف، هر وقت  هن پريشاني ۾ هوندا هئا ته هن معصوم ۽ ڪمزور نظر ايندڙ بظاهر ، هن سياسي ۽ فولادي پهاڙ کي ڪيئن چپ ڪرائجي، جنهن جي هڪ سڏ تي لکين ماڻهو جمع ٿي وڃن ٿا.  10 اپريل 1986ع تي جڏهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جلاوطني کان پوءِ پهريون ڀيرو  پاڪستان اچي ٿي ته ان جي جلسي ۾  لکين ماڻهو سندس  آجيان لاءِ جمع ٿين ٿا ،لکين ماڻهن جي سمنڊ کي ڏسي وقت جا حڪمران چڪرائجي ۽ وائڙا ٿي ٿا وڃن ته هي جيڪا بظاهر هڪ ڪمزور معصوم ڇوڪري آهي پر در حقيقت هي ته هڪ عظيم ليڊر آهي. ماڻهو پنهجي عظيم قائد جي عظيم ڌيءَ  جي  هڪ تقرير  ٻڌڻ لاءِ آتا ۽ منتظر آهن، اهڙي طلسماتي هستي ۽ عوام جي دلين تي  حڪمراني ڪرڻ واري ليڊر شهيد محترمه بينظير  ڀٽو ئي ٿي سگهي ٿي جيڪا چئني صوبن جي زنجير  بينظير بينظير ٿي سگهي ٿي.

مون کي اڄ به چڱي طرح ياد آهي، ته 1987ع ۾ دادو جي ميونسپل اسٽيديم ۾ پهريون ڀيرو جڏهن جلسو ڪرڻ لاءِ آنسه بينظير ڀٽو اچي رهي هئي ۽ اسان سڀني سياسي ڪارڪنن کي صبح 11 وڳي ڌامراهه واهه تي پهچڻ لاءِ چيو ويو هو، جتي شهيد راڻيءُ جو استقبال ڪرڻو هو،پر ڪارڪنن جي پنهنجي قائد سان سچائي ۽ وفاداري جي انتها اها هئي جو ڪارڪن 10وڳي ڌامراهه واهه تي پهچي ويا هئا، ان زماني ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءُ جو صوبائي صدر سائين مخدوم خليق الزمان هو، ۽ دادو کان قافلي جي قيادت سائين پير مظهر الحق، مرحوم چاچا سيف الدين پنهور، ڪامريڊ دادن خان ڀنڊ، ادي رشيده پنهور، ادي ڪلثوم چانديو، ۽ ٻيا کوڙ سارا ان زماني جا اڳواڻ ڪري رهيا هئا. صبح يارهين وڳي بدران بينظير ڀٽو  هڪ وڳي ڌامراهه واهه تي پهتي هئي، ۽ چپي چپي تي جيئي ڀٽو جون صدائون هيون جيئي ڀٽو جا نعرا هئا. خيرپورناٿن شاهه ۾ امير علي ايري جي رهائش گاهه تي ماروي ملير جي مانجهاندو ڪيو تنهن کان پوءِ وري سفر جي شروعات ٿي. قافلو رات جو 9 وڳي دادو  ميونسپل اسٽيديم پهتو هو، اها هئي شهيد بينظير جي طلسماتي شخصيت .

دنيا ۾ کوڙ سارا ماڻهو اهڙا ضرور هوندا، جن جو ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ڪو نه ڪو ڪردار ضرور هوندو، هر ڪنهن جو ڪنهن نه ڪنهن شعبي ۾ ڪو ڪردار ٿي سگهي ٿو.ڪنهن جو ادب ۾ هوندو ته وري ڪنهن جو سماجي خدمتن جي حوالي سان، ڪن وري ماڻهن کي جاڳائڻ، منظم ۽ متحرڪ ڪرڻ ۽ ڪن جو وري سماج کي تبديل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار هوندو.پر ساڳي وقت اهي سڀ خاصيتون اسان جي هر دل عزير قائد شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو ۾ هڪ ئي وقت موجود هيون.هن ملڪ هن ڌرتيءَ تي بس صرف هڪڙي  بينظير هئي جيڪا بي ڏوهي عوام جي خاطر  ۽ هن ملڪ جي خاطر شهيد ڪئي ويئي ۽ انهي کان پوءِ صدين تائين هاڻي ڪابه بينظير پيدا ناهي ٿيڻي، هاڻي صرف شهيد بينظير، پارٽي ڪارڪنن ۽ سچن جانثارن ۽ ڪارڪنن جي صرف دلين ۾ ئي رهي سگهي ٿي.سنڌ جي سياسي ڪعبي جي سرواڻ صرف هڪڙي بينظير هئي.

غم بينظير کي چئجو عالمِ  ضمير کي چئجو

قوم دلگير کي چئجو

اسان تنهنجا گنهگار آهيون

 اسين تنهنجا قرضدار آهيون

پنهجي بدنصيب تقدير کي چئجو

بس هڪڙي هئي بينظير .