پيرس (انٽريسٽنگ نيوز) هڪ مهيني کان وڌيڪ عرصو ٿي ويو آهي ۽ فرانس جي شهر پيرس ۾ Gaîté Lyrique ٿيٽر تي بي گهر ماڻهن قبضو ڪري رکيو آهي، اهو قبضو ان وقت شروع ٿيو، جڏهن ٿيٽر “فرانس ۾ پناهگيرن جي بحالي خوش آمديد” جي عنوان سان هڪ مفت ڪانفرنس جي ميزباني ڪئي، انهيءَ دوران تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ 250 بي گهر آفريڪي پناهگيرن ڪانفرنس ختم ٿيندي ئي اتي رهائش اختيار ڪري ورتي ۽ انهن سان گڏ وڌيڪ 50 پناهگير به شامل ٿي ويا، جن وٽ سردين ۾ مٿو ڍڪڻ لاءِ ڪا جاءِ موجود نه هئي، Gaîté Lyrique تي ان قبضي انتظاميه کي گهٽ ۾ گهٽ 24 جنوري تائين پرفارمنسز منسوخ ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، جنهن سان ان جي ڏيوالي ٿيڻ جو خطرو آهي، ادارو پنهنجي آمدني جو 70 سيڪڙو مختلف پرفارمنسز مان حاصل ڪندو آهي، جڏهن ته 30 سيڪڙو حڪومتي سبسڊي تحت حاصل ٿيندو آهي، پر ڊسمبر ۾ لکين يورو جو نقصان ۽ پنهنجي 60 ملازمن جي پگهارن کي پورو ڪرڻ جي جدوجهد باوجود ٿيٽر جي انتظاميه بيان جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته انهن ماڻهن کي سردين دوران روڊ تي ڌڪي ڪڍڻ ناقابل تصور آهي، ٿيٽر فرانسيسي حڪومت ۽ ٻين مقامي عملدارن کان انهن سوين پناهگيرن لاءِ مناسب جڳهه ڳولڻ جي درخواست ڪئي آهي.