ممفس (انٽرسٽنگ نيوز) آمريڪا ۾ هڪ ريسٽورنٽ سو سالن کان پراڻي تيل ۾ ڪباب فراءِ ڪندو پيو اچي. ڊيئرز برگرز نالي آمريڪا ريسٽورنٽ آمريڪا جي شهر ميمفس جو مشهور ريسٽورنٽ آهي، جتي هڪ صديءَ کان وڌيڪ عرصي کان پنهنجي گوشت کي 100 سال پراڻي تي ۾ فرائي ڪيو ويندو آهي. ريسٽورنٽ جي انتظاميا جي دعويٰ آهي ته اهو تيل ان جي برگر کي وڌيڪ مزيدار بنائيندو آهي. ايلمر ڊائر نالي شهري 1912 ۾ ميمفس جي هن ريسٽورنٽ جو بنياد رکيو ۽ برگر جي ڪبابن کي ذائقيدار بنائڻ لاءِ مصالحن کي پنهنجي ڳجهي مرڪب جو استعمال ڪري ڪامياب بڻايو. ماڻهو ڊائيرز جي برگر کي ڪافي پسند ڪرڻ لڳا. هڪ رات بورچين مان هڪ ٿانءُ ۾ تيل تبديل ڪرڻ وساري ويٺو. ريسٽورنٽ ۾ موجود مالڪ ڪينڊل رابرٽسن جي دعويٰ آهي ته اڳلي ڏينهن ڪو ملازم آيو ۽ ان هڪ گيراهڪ جو آرڊر ان ئي تيل ۾ ٺاهي ڇڏيو. جڏهن گيراهڪ برگر کاڌو ته ان چيو ته هي منهنجي زندگيءَ جو بهترين برگر آهي. بس ان کان پوءِ اسان ڪڏهن تيل تبديل ئي ناهي ڪيو ۽ سمورا برگر ان ئي تيل ۾ ٺهندا آهن.