ڪازان (اسپورٽس ڊيسڪ) برڪس گيمز ۾پاڪستان پهريون گولڊ ميڊل کٽي ورتو آهي.  ان ڏس ۾ ميڊيا رپورٽن موجب برڪس گيمز روس ۾ جاري آهن، جنهن دوران پاڪستان پهريون گولڊ ميڊل کٽي ورتو آهي. پاڪستان جي ويٽ لفٽر حيدر سلطان 61 ڪلو ڪيٽيگري ۾ گولڊ ميڊل کٽيو، هن ڪلين اينڊ جرڪ ۾ 146 ۽ 115 اسنيچ ۾ وزن کنيو.گوجرانوالا سان واسطو رکندڙ حيدر سلطان مجموعي طور 261 ڪلوگرام وزن کنيو، واضح رهي ته برڪس گيمز روس جي شهر ڪازان ۾ 23 جون تائين جاري رهنديون.