برڪس (BRICS)، برازيل، روس، انڊيا، چين ۽ ڏکڻ آفريڪا جي ملڪن تي مشتمل هڪ اهم عالمي اتحاد بڻجي اڀريو آهي، جنهن جو مقصد اولهه جي معاشي ۽ سياسي غلبي کي للڪارڻ ۽ عالمي حڪمراني جي ڍانچي ۾ توازن آڻڻ آهي. BRIC برڪ اصطلاح پهريون ڀيرو معاشي ماھر جم او نيل 2001ع ۾ استعمال ڪيو، جڏهن هن برازيل، روس، انڊيا ۽ چين جي تيزي سان وڌندڙ معيشتن کي مستقبل جا اهم رانديگر قرار ڏنو. برڪ ڏکڻ آفريڪا جي 2010ع ۾ شامل ٿيڻ سان “BRIC” برڪ مان “BRICS” برڪس ٿيو، جنهن هن اتحاد کي وڌيڪ وسعت ڏني. شروع ۾ برڪس هڪ تصوراتي اقتصادي اتحاد هو، پر 2009ع ۾ روسي شهر ييڪاترين برگ ۾ پهرين اجلاس کانپوءِ، هي گروپ هڪ عالمي سياسي پليٽفارم ۾ تبديل ٿيو. تڏھن کان، برڪس گهڻ قطبي عالمي نظام، مالي خودمختياري، غربت جي خاتمي، ۽ گڏيل ترقي جي حمايت ڪندي آمريڪي اڳواڻي واري نظام جي متبادل بڻجڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
برڪس ملڪ سياسي ۽ معاشي نظامن جي حوالي سان نمايان فرق رکن ٿا، پر اھي سڀئي اولهه جي بالادستي کي للڪارڻ واري متفقه خواهش رکن ٿا. ان لاءِ برڪس طرفان ڪانٽيجنٽ رزرو ارينجمينٽ (100 ارب ڊالرن جي شروعاتي فنڊنگ) 2014 ۾، ۽ نيو ڊولپمينٽ بينڪ (NDB) 2015 ۾ (پنجاهه ارب ڊالرن) سان قائم ڪئي وئي، جيڪا آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ جو متبادل بڻجڻ جي ڪوشش آهي. برڪس جي 2023ع واري جوهانسبرگ اجلاس کانپوءِ “برڪس پلس” جو تصور سامهون آيو، جنهن تحت مصر، اٿوپيا، يو اَي اِي، ۽ ايران کي 2024ع ۾ شامل ڪيو ويو. ان بعد جنوري 2025 ۾ انڊونيشيا برڪس جو ڏھون ميمبر بڻيو. 9 ٻيا ملڪ به باضابطا طور ڀائيوار ملڪ قرار ڏنا ويا ۽ تقريبن ٻه درجن ملڪن کي شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي آهي يا انھن پنھنجي خواھش جو اظھار ڪيو آھي. انهن ميمبرن جي شموليت سان برڪس جي عالمي اثر، جيوپوليٽيڪل پھچ، ۽ اقتصادي سگهه ۾ چڱي واڌ آئي آھي. اهي ملڪ، جيڪي اڳ مغربي پابندين جو شڪار رهيا، هينئر ڊالر تي انحصار گھٽائڻ، واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ ذريعي وڌيڪ مالي خودمختياري حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهن. اهو ان ڳالهه ڏانهن اشارو آھي ته برڪس هاڻي صرف هڪ اقتصادي اتحاد نه، پر سائنس، ٽيڪنالاجي، مالي تعاون، ۽ بين الاقوامي سياست ۾ به هڪ متبادل اتحاد طور اڀري رهيو آهي. اهو اتحاد عالمي طاقت جي توازن کي نئين سر ترتيب ڏيڻ جي سگهه رکي ٿو. برڪس کي عام طور اقتصادي انضمام، مالي سهائتا، ۽ نئين عالمي نظام لاءِ مغربي اجاره داري جي مقابلي ۾ متبادل پليٽفارم طور ڏٺو وڃي ٿو، پر برڪس ميمبرن جي قومي مفادن جي ٽڪراءَ، اندروني تضادن ۽ نظرياتي اختلافن سبب هي اتحاد گهڻن مشڪلاتن جو شڪار به آهي. ائين کڻي چئجي ته برڪس اميدن ۽ پيچيدگين جو سنگم آهي، جيڪو عالمي طاقت جي توازن کي نئين سر ترتيب ڏيڻ، ۽ ميمبرن وچ ۾ اتحاد وڌائڻ جون ڪوششون ڪري رھيو آھي. برڪس گڏيل قومن، آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ جهڙن ادارن کي ختم ڪرڻ بدران سندن سڌاري جو حامي آهي، ۽ اهڙي گهڻ قطبي عالمي ترتيب جي ڪوشش ڪري ٿو.
برڪس اتحاد، مختلف نظرياتي ڌارائن جو سنگم آھي. آزاد مارڪيٽ جا حامي ان کي عالمي سرمائيداري نظام ۾ متبادل مالي ادارن جي قيام ۽ وڌندڙ اثر جي علامت طور ڏسن ٿا، جيتوڻيڪ برڪس نيولبرل نظريي کي چئلينج نٿو ڪري. ڪميونسٽ ان اتحاد کي اهڙن علائقائي طاقتن جو ڳٺ جوڙ سمجهن ٿا، جيڪي آمراڻي حڪومتن ۽ نيولبرل پاليسين ذريعي سماجي انصاف، ماحولياتي تحفظ ۽ مزدورن جي حقن کي نظر انداز ڪن ٿيون. اھي چيني غلبي ۽ اين ڊي بي جي انفراسٽرڪچر منصوبن مان ايليٽ طبقي جي فائدي کي حقيقي تبديلي نه پر جاري سلسلي جي علامت سمجھن ٿا.
2000ع کان 2023ع تائين برڪس ملڪن، خاص طور چين، عالمي واڌ ويجهه ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آھي. 2022ع تائين، خريداري طاقت جي بنياد تي برڪس جي گڏيل پيداوار G-7 ملڪن کان وڌيڪ ٿي آھي، ۽ 2023ع ۾ ان جو اندروني واپار 720 ارب ڊالرن کان وڌيڪ ٿي ويو آهي، جنهن مان چين جو حصو تقريباً 500 ارب ڊالر هو. برڪس جو عالمي واپار ۾ حصو 7 سيڪڙي مان وڌي 18 سيڪڙي تائين پهتو. برڪس موجوده عالمي معاشي نظام جو متبادل پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جنهن جو مرڪزي مقصد ڏکڻ- ڏکڻ واپار کي ھمٿائڻ ۽ عالمي اقتصادي اصولن کي نئين سر ترتيب ڏيڻ آهي.
برڪس جي گڏيل پيداوار (25.6 کرب ڊالر) دنيا جي گڏيل پيداوار جي 36 سيڪڙي کان وڌيڪ آهي، ۽ عالمي آبادي جو لڳ ڀڳ 46 سيڪڙو انهن ملڪن ۾ رهندڙ آهي ۽ نوان ملڪ شامل ٿيڻ سان ان ۾ اضافو ٿي رھيو آھي. واپار جي ميدان ۾ به برڪس جو اثر نمايان طور اُڀريو آهي. برازيل ۽ ڀارت، ڊبليو ٽي او جي دوها رائونڊ دوران مغربي زرعي سبسڊيز جي مخالفت ڪئي، جڏهن ته چين عالمي واپاري قانونن جي ترتيب ۾ سرگرم رهيو آهي. برڪس جو بنيادي مقصد عالمي ادارن جي جوڙجڪ ۾ اهڙا سڌارا آڻڻ آهي، جيڪي آمريڪا ۽ يورپ جي ھڪ ھٽي کي متوازن بڻائين. انهن قدمن سان واپار جي عالمي ڍانچي ۾ وڌيڪ توازن ۽ نمائندگي پيدا ٿي آهي.
اندروني واپار جي لحاظ کان، جيتوڻيڪ برڪس ھينئر تائين ٻين علائقائي اتحادن جهڙوڪ يورپي يونين يا آسيان جي سطح تي ناهي پھتو، پر مقامي ڪرنسين ۾ واپار، ريزرو ارينجمينٽ، ۽ گڏيل ادائيگي نظام جي تجويزن ذريعي واپار جي هم آهنگيءَ لاءِ ڪوششون جاري آهن. عالمي بيچيني جي پسمنظر ۾، برڪس ڪرنسين کي ڊالر جي متبادل طور ڏسڻ ۽ سيڙپڪارن جو اعتماد برڪس ڪرنسين تي وڌي رهيو آهي. ڊي-ڊالرائيزيشن جي ڪوششن تحت، برڪس ملڪ يوان، رپئي ۽ ٻين مقامي ڪرنسين ۾ واپار کي وڌائي رهيا آهن ۽ متبادل ادائيگي نظام تي ڪم جاري آهي، جيتوڻيڪ مڪمل طور ڊالر کان آزادي جو سفر اڃا پري آهي، ڇو ته ھينئر تائين اڪثر ميمبر ملڪن درميان واپار ۽ قرض ڊالرن ۾ طئي ڪيا وڃن ٿا.
5 اپريل 2025 تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران اعلان ڪيل عالمي ٽئرفن جي نئين دور سان روايتي واپاري سرشتي کي وڏو ڌڪ لڳو، جنهن برڪس جي اهميت کي ٻيهر اجاگر ڪيو آھي. تحفظ پسند پاليسين بعد برڪس آمريڪي اڳواڻي واري عالمي واپاري نظام جي هڪ متبادل طور اُڀري رهيو آهي. برڪس جو بنيادي نظريو هڪ قطبي عالمي حڪمراني جي مخالفت ۽ گهڻ قطبي دنيا جي حمايت تي ٻڌل آهي. ٽرمپ جي پاليسين مغربي قيادت واري نظام جي ڪمزورين کي نمايان ڪيو، جنهن سان برڪس کي واپار، سيڙپڪاري ۽ مالي سرشتي جي نئين راهن جي اڳواڻي جو موقعو مليو.
برڪس اندر، جيتوڻيڪ مختلف مفادن ۽ سياسي حالتن سبب اختلاف موجود آهن. تنهن هوندي به اهي ملڪ مغربي پابندين جي مخالفت، ڊجيٽل خودمختياري، ۽ عالمي قانونن جي نئين ترتيب تي متفق آهن. اتحاد جو بنياد خودمختياري، باهمي احترام، ۽ عدم مداخلت تي بيٺل آهي. تنقيد نگارن، پيٽرڪ بانڊ ۽ انا گارشيا موجب برڪس جا ڪيترائي ميمبر ملڪ ھينئر تائين نيو لبرل پاليسين جي دائري ۾ آهن، جتي اشرافيه جي بالادستي نمايان آهي. هي حقيقت برڪس جي اجاره دارانه مخالف دعوائن کي ڪجهه حد تائين محدود ڪري ٿي. ان کان علاوه روس طرفان يوڪرين تي حملي ۽ چائنا طرفان تائيوان کي ڌمڪين سبب به ھي اتحاد پنھنجي اصل مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي. بهرحال، برڪس جو اُڀار هڪ اهڙي دنيا جو اشارو آھي، جتي عالمي طاقت جو توازن آهستي آهستي مغرب کان هٽي، گهڻ قطبي ۽ وڌيڪ نمائندگي تي ٻڌل سرشتي ڏانهن وڌي رهيو آهي.
اپريل 2025 جي پھرين ھفتي بعد عالمي منظرنامي ۾ برڪس جي اهميت وڌي آهي. هي اتحاد هاڻ رڳو گهڻ طرفي واپار جو متبادل ناهي رهيو، پر هڪ اهڙو پليٽفارم بڻجي رهيو آهي، جيڪو مغربي بالادستي کان هٽي ڪري نئين عالمي هم آهنگي جي راهه هموار ڪري رهيو آهي. چين، روس، ڀارت طرفان سون جي ذخيري ۾ واڌ هڪ نئين مالي سرشتي جي تياري ڏانهن اشارو ڪري ٿي. چين جو “بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئيٽو” پڻ اهڙي ڪوشش جو حصو آهي، جيڪو برڪس سان لاڳاپيل ملڪن لاءِ هڪ متبادل معاشي فريم ورڪ فراهم ڪري ٿو، جيڪو آمريڪي اثر کي محدود ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. جيتوڻيڪ چين ۽ ڀارت وچ ۾ سياسي ڇڪتاڻ موجود آهي، پر NDB جهڙن ادارن ذريعي اقتصادي سهڪار جاري آهي. اوپيڪ جا ڪيترائي ملڪ به برڪس ۽ بي آر آءِ سان ڳنڍجي رهيا آهن، جنهن سان هڪ نئون عالمي سياسي ۽ معاشي نظام اُڀرڻ جي اميد وڌي رهي آهي، جنهن ۾ آمريڪي بالادستي جي جاءِ تي توازن جي گنجائش ڏسڻ ۾ اچي ٿي.
برڪس پاڪستان لاءِ معاشي، سفارتي ۽ واپاري طور انتهائي اهميت رکي ٿو، خاص طور تي عالمي سطح تي اڀرندڙ گهڻ قطبي نظام جي پسمنظر ۾. پاڪستان، چين سان ويجهي ڀائيواري BRI تحت سي پيڪ ذريعي اڳ ۾ ئي برڪس جي اهم رڪن چين سان ڳنڍيل آهي. جيڪڏهن پاڪستان مستقبل ۾ برڪس جو حصو بڻجي، ته اهو ملڪ لاءِ نئين واپاري مارڪيٽن، سيڙپڪاري جي موقعن، ۽ مالي متبادل نظامن تائين رسائي حاصل ڪرڻ جو در کولي سگهي ٿو. برڪس ۾ شموليت پاڪستان کي آمريڪا مرڪز نظام کان ڌار، وڌيڪ خودمختيار معاشي پاليسيون اختيار ڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿي. ليڪن ڀارت جي برڪس جي اھم ميمبر ھجڻ سبب پاڪستان لاءِ ميمبرشپ حاصل ڪرڻ مشڪل بڻيل آھي.
برڪس اتحاد اڄ جي گهڻ قطبي دنيا ۾ هڪ نئين ۽ متبادل عالمي حڪمراني جي تصور طور اُڀريو آهي، جيڪو اولهه جي اقتصادي ۽ سياسي اجاره داري کي للڪارڻ لاءِ واپار، سيڙپڪاري، مالي تعاون، سائنس، ٽيڪنالاجي، ۽ گورننس جي نون ماڊلن تي ڌيان ڏئي رهيو آهي. هي اتحاد، NDB، مقامي ڪرنسين ۾ واپار، ۽ ڊي-ڊالرائيزيشن ذريعي هڪ اهڙو مالي سرشتو قائم ڪرڻ جي ڪوشش آهي، جيڪو وڌيڪ منصفاڻو، نمائندگي تي ٻڌل ۽ ترقي پذير ملڪن جي ضرورتن سان هم آهنگ هجي. برڪس اندر جيتوڻيڪ نظرياتي اختلاف، قومي مفادن جا ٽڪراءَ ۽ اندروني چئلينجز موجود آهن، تنهن هوندي به اهو اتحاد واپار، عالمي ادارن جي سڌارن، ۽ ڏکڻ-ڏکڻ تعاون جي واڌاري لاءِ هڪ اهم پليٽفارم طور مڃتا ماڻي رھيو آھي. ٽرمپ جي تحفظ پسند پاليسين ۽ عالمي واپاري ڇڪتاڻن جي نتيجي ۾ برڪس جي اهميت وڌي آهي، خاص طور انهن ملڪن لاءِ جيڪي موجوده عالمي نظام کان مايوس آهن.
مجموعي طور، برڪس اميدن، تضادن، ۽ تبديليءَ جي امڪانن جو سنگم آهي، جيڪو نه رڳو موجوده نظام جي سڌاري لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي پر گڏوگڏ هڪ نئون، وڌيڪ توازن وارو ۽ شراڪتداري تي ٻڌل عالمي حڪمراني جو ماڊل به پيش ڪري رهيو آهي.