ٻين عالمي جنگ ۽ خاص طور سوويت يونين جي خاتمي کانپوءِ آمريڪا دنيا جو اڪيلو چڱو مڙس رهجي ويو. ان عرصي ۾ چين پنهنجي معاشي طاقت وڌائڻ ۽ هڪڙي سڌارن جي تحريڪ واري دور مان گذري رهيو هو، جنهن اندر هنن پنهنجي معيشت جا نوان بنياد ۽ نوان هدف طئي ڪيا. روس ته اڳ ئي ڪمزور پوزيشن ۾ هو پر 2000ع کانپوءِ جهڙي تيز رفتاري سان صدر پيوٽن روس کي ۽ شي جن پنگ چين کي ترقي طرف وٺي ويا آهن، ان ڪري دنيا هن وقت سوويت يونين جي خاتمي کانپوءِ واري صورتحال تي نه بيٺي آهي پر اها هڪ وڏي تبديلي واري عمل مان گذري رهي آهي. چين دنيا جي وڏي معاشي طاقت ٿي اڀريو آهي. چين هن وقت دنيا جو مينيوفيڪچرنگ سپر پاور آهي. هڪ طرف چين پنهنجي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئٽو منصوبي تحت دنيا ۾ پنهنجو مقام ٺاهي رهيو آهي ته ٻئي طرف مختلف قسم جي اتحادن ۽ گروپس جي صورت ۾ دنيا جي ملڪن کي پاڻ سان گڏ وٺي هلي رهيو آهي. چين سان ان ڪردار ۾ روس پڻ شامل آهي، جن آمريڪي ورلڊ آرڊر کي چئلينج ڪيو آهي. چين آفريڪا ۾ 50 بلين ڊالرز جي سيڙپڪاري ڪئي آهي. ائين چين پنهنجا اتحادي ۽ دوست ٺاهي رهيو آهي. چين آمريڪا جيان دنيا جي ملڪن ۾ پنهنجي مرضي جون حڪومتون ۽ آمريت مڙهڻ ۽ حڪومتون ڪيرائڻ وارو ڌنڌو نٿو ڪري، بلڪه گڏيل ڀائيچاري ۽ احترام سان هو معيشت ذريعي دنيا سان پاڻ کي ڳنڍي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو ڪجهه رپورٽن موجب آسيان ملڪن سان سال 2022ع ۾ چين جو واپار 975 بلين ڊالرز رهيو، جيڪو ڪجهه وقت اڳ صرف 40 بلين ڊالرز هو. چين ۽ روس جي گڏيل ڪوششن سان جيڪي اتحاد اڳتي وڌي رهيا آهن، انهن ۾ هڪ برڪس BRICS اتحاد پڻ آهي. يعني Brazil-Russia-India-China-South Africa
برازيل، روس، انڊيا، چين ۽ سائوٿ آفريڪا طرفان ٺهيل BRICS بلاڪ، جنهن جو گذريل سال آگسٽ 2023 ۾ سائوٿ آفريڪا ۾ اجلاس ٿيو، ان ۾ ايران، سعودي عرب، مصر، متحده عرب امارات، ايٿوپيا ۽ ارجنٽينيا برڪس ۾ شامل ٿيا. توڻي جو اڄڪلهه ارجنٽينيا ۾ اولهه جي حمايتي حڪمران جي حڪومت آهي، جنهن برڪس جو حصو ٿيڻ کان انڪار ڪيو آهي پر تنهن باوجود به گلوبل سائوٿ جا ڪيترائي ملڪ برڪس ۾ شموليت جا خواهشمند آهن. برڪس تيزي سان وڌي رهيو آهي. برڪس جي New Development Bank جي نالي سان پنهنجي بينڪ به آهي. هن بينڪ جو صدر کاٻي ڌر سان تعلق رکندڙ برازيل جو اڳوڻو صدر آهي. آگسٽ 2023ع ۾ ڏکڻ آفريڪا ۾ ٿيل برڪس اجلاس ۾ سعودي عرب، ايران جهڙن ملڪن جي برڪس ۾ شموليت بعد اهو اتحاد هاڻي برڪس پلس پڻ سڏجڻ لڳو آهي. هن سال هلندڙ مهيني آڪٽوبر جي 22 کان 24 آڪٽوبر تائين برڪس جو اجلاس ڪازان (روس) ۾ ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ دنيا جهان جي ملڪن جا سربراه ۽ برڪس اتحاد جا ميمبر شرڪت ڪندا.
ڊي ڊالرائيزيشن (De-Dollarization)
دنيا ۾ هن وقت ڊالر جي اجاراداري کي سخت ڌڪ رسيو آهي. ان عمل کي ڊي ڊالرائيزيشن (De-Dollarization) چيو وڃي ٿو. ماضي ۾ آمريڪا دنيا جي ملڪن کي پنهنجي ڪرنسي (ڊالر) ۾ واپار ڪرڻ لاءِ ايترو زور ڪو نه ڀريندو هو پر هاڻي هر زوال پذير سامراجي طاقت جيان آمريڪا مافيا اسٽائيل ۾ دنيا کي بليڪ ميل ڪري ڊالر ۾ واپار ڪرڻ تي چئي رهيو آهي. ڊي ڊالرائيزيشن جي اها مهم اڄڪلهه دنيا ۾ تيز آهي. هن وقت صدارتي چونڊن جي مباحثن ۾ ٽرمپ پنهنجي تقريرن ۾ ڊالر ذريعي واپار نه ڪندڙ ملڪن مٿان 100 سيڪڙو Tariff لڳائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. يعني انٽرنيشنل ٽريڊ ۾ به ڪو ملڪ جيڪڏهن ڊالر ۾ واپار نه ڪندو ته ان کي آمريڪي دهشت جو منهن ڏسڻو پوندو. پر تنهن باوجود به برڪس بينڪ ڊالر جي بدران علائقائي ڪرنسين کي اهميت ڏئي رهي آهي.
برازيل ۽ چين پنهنجي ملڪي ڪرنسين ۾ واپار جو معاهدو ڪيو آهي. روس جي پرڏيهي وزير موجب چين ۽ روس جو 90 سيڪڙو کان وڌيڪ واپار هاڻي روسي روبل ۽ چيني يوئان ۾ ٿئي ٿو، نه ڪي ڊالر ۾. ايران ۽ روس پڻ پنهنجين ڪرنسين ۾ واپاري معاهده ڪيا آهن. ايسوسيئشن آف سائوٿ ايسٽ ايشين نيشنس (آسيان) جا ملڪ پڻ ڊي ڊالرائيزيشن مهم جو حصو آهن. اهو ئي سبب آهي جو ٽرمپ جهڙا آمريڪي سياستدان سخت پريشان آهن. 2000ع ۾ آمريڪا دنيا جو وڏي ۾ وڏو ٽريڊ پارٽنر هو. اڄ اهو رتبو چين کي حاصل آهي. دنيا جي مجموعي واپار ۾ 13 کان 14 سيڪڙو حصو چين جو آهي. آءِ ايم ايف موجب، چين جي واپار جو 50 سيڪڙي کان وڌيڪ ڊالر بدران ٻين ڪرنسين ۾ آهي. چين دنيا ۾ صرف يوئان ۾ واپار نٿو ڪري. چين دنيا کي گهڻ قطبي دنيا طرف وٺي وڃڻ چاهي ٿو. چين جو مقصد اڪيلو سپر پاور ٿيڻ ناهي. ان ڪري ئي هو برڪس جهڙن اتحادن وسيلي دنيا کي هڪ گهڻ طاقتن ۾ ورهائڻ چاهي ٿو، جنهن ۾ اڪيلي آمريڪي چڱ مڙسي نه هجي.