ٽنڊو آدم/ڄام نواز علي (نمائندن وٽان) ثقافت کاتي پاران سنڌ جي قديم تاريخي ماڳ برهمڻ آباد تي سانگهڙ ھيريٽيج سوسائٽي ۽ سر سوسائٽي جي سهڪار سان ماڳ واري هنڌ نامياري محقق ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري جي صدارت هيٺ برهمڻ آباد هيريٽيج ڪانفرنس منعقد ٿي گذري جنهن ۾ سيڪريٽري ثقافت عبدالعليم لاشاري، ڊي جي ڪلچر منظور احمد ڪناسرو سميت ناليوارن تاريخدانن ۽ محققن مشڪور ڦلڪارو، تاج جويو، ڊاڪٽر طاحا، قاضي مقصود، استاد لغاري، نواز ڪنڀر، گل حسن لاکو، ممتاز لغاري،عاطف شيخ، خادم علي جوڻيجو، ذوالفقار علي شيخ ۽ ٻين مقالا پيش ڪيا، ڊاڪٽر غلام محي الدين ويسر چيو ته برهمڻ آباد قديمي ماڳ آھي جيڪو موهن جي دڙي کان به آڳاٽو آھي پر ان ماڳ کي نظراندار ڪيو ويو آھي. هن چيو ته هي ماڳ جي 20 ڪلو ميٽرس چورس تي پکڙيل هو جنهن تي حڪومت پاران مالڪي نه ڪرڻ سبب قبضا ڪري ڳوٺ اڏي ۽ فصل پوکيا ويا ۽ اهو سلسلو هلندڙ آھي. اسان سائنسي بنيادن تي هن ماڳ جي کوٽائي ڪئي آهي مون دنيا جي مختلف آرڪيالاجي ماهرن سان گڏ ڪم ڪيو، هن ماڳ جا 5 دور مليا آهن ۽ ڪروناٽيڪل ڊيٽنگ ڏني آهي جنهن جي هر ڳالهه جو مان ذميوار آهيان. هي ماڳ سنڌ جي مختلف تاريخي ماڳن سان ڳنڍيل آهي. ساڍا چار ميٽر هيٺ مليل سامان سيوهڻ، ڀنڀور، ديبل ۽ سنڌ جي ٻين تاريخي ماڳن مان مليل تاريخ جي برابر آهي ان بعد ساساني دور مليو جيڪو ڀنڀور سان ڳانڍاپو رکي ٿو، ناليواري آرڪيالاجي ماهر امين جويو چيو ته هي قديمي ماڳ دنيا جي اوائلي ماڳن مان هڪ آهي هن جي تاريخ هزارين سالن جي قدامت رکي ٿي. هن ماڳ تي وڌيڪ ڪم ۽ تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي. ناليواري آرڪيالاجي ماهر عاطف شيخ چيو ته مختلف دورن ۾ ٿيل کوٽائي مان جيڪي به دور ظاهر ٿيا آهن ان جي تاريخ کي محفوظ بڻائڻ جي ضرور ت آهي ۽ جيڪي به سڪا مليا آهن انهن تي ثقافت کاتو تحقيقي ڪتاب شايع ڪرائي، پروفيسر نواز ڪنڀر چيو ته تاريخي ماڳ تي قبضا ختم ڪرايا وڃن ۽ زرعي حوالي سان ماڳ جون قيمتي زمينون الاٽ ڪيون ويون آهن اهي فوري طور تي رد ڪيون وڃن. ناليواري اديب مشڪور ڦلڪارو چيو ته هن قديمي ماڳ سان وڏي ويساهه گهاتي ڪئي وئي آهي هن ماڳ جي تاريخ کي ميسارڻ سميت ان جا نشان مٽائڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن اسان کي پنهنجي هن قديمي ماڳ جي مالڪي ڪرڻي پوندي. ناليواري ليکڪ استاد عباسي چيو ته ويسر صاحب جي ڪيل کوٽائي کي هر حال ۾ سرڪاري سطح تي پڌرو ڪيو وڃي ۽ هتي موجود ميوزيم سميت ٻين هنڌن کي قبضا خورن کان بچايو وڃي. ان موقعي تي برهمڻ آباد جي زمين مٿان ٿيل قبضا فوري طور تي ختم ڪرائڻ، بچيل قديمي آثارن جي حفاظت لاءِ چوڌاري ڪنڊيدار تار يا وال بائونڊري تعمير ڪرائڻ، اسٽوپا (ٺلهه) جي حفاظت ڪرڻ سميت آرڪيالاجي کاتي پاران تعمير ڪرايل اڻپوري ميوزيم کي حفاظتي بائونڊري ڏياري عملو ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪرڻ، برهمڻ آباد جي سائيٽ کي ورلڊ هيريٽيج لسٽ ۾ شامل ڪرڻ، برهمڻ آباد جي سائنسي بنيادن تي ٻيهر کوٽائي ڪرائڻ، مختلف ميوزمن ۾ رکيل برهمڻ آباد مان مليل نواردارت فوري طور تي واپس ڏيارڻ، 2020ع ۾ غلام محي الدين ويسر پاران ڪرايل کوٽائي جو آفيشل ريسرچ پيپر شايع ڪرڻ، سياحن لاءِ ريسٽ هائوس قائم ڪرڻ، ايندڙ سياحن کي ڄاڻ فراهم ڪرڻ لاءِ گائيڊ مقرر ڪرڻ جا مطالبا ڪيا ويا.