لنڊن (انٽرسٽنگ نيوز) لنڊن ۾ شهري جي گهر کي جعلي ڪرائيدارن منشيات جي فئڪٽري ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، امريڪا ۾ رهائش پذير ريوز جڏهن لنڊن ۾ موجود پنهنجي اباڻي گهر پهتو ته ڪرائي تي ڏنل پنهنجي گهر جي حالت ڏسي حيران ٿي ويو، برطانوي شهري جي ڪرائيدارن گهر منشيات جي فئڪٽري ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو، پاڻ کي ڪرائيدار ظاهر ڪري ڏوهاري ماڻهن ريوز جي گهر ۾ 10 مڻ مٽي وجهي اتي منشيات (ڀنگ) پوکي ڇڏي هئي، رپورٽ موجب ڪرائيدارن جڏهن گهر جو ڪرايو ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو ته مالڪ مڪان گهر جو دورو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، ريوز جڏهن پنهنجي گهر پهتو ته گهڻن ماڻهن گهيري ۾ آڻي ورتو ۽ چيو ته گهر صحيح حالت ۾ آهي ۽ پوءِ هو اتان فرار ٿي ويا، رپورٽ موجب مالڪ مڪان ريوز ٻڌايو ته جڏهن گهر پهتس ته حيران ٿي ويس، سڄي گهر ۾ ڀنگ پوکيل هئي، گهر جي پکن، لائٽس ۽ هوا جي خرچ جي لاءِ باقائده نظام ٺاهيو ويو هو جيڪو چوري جي بجلي تي هلي رهيو هو، هوا جي لاءِ ڀتيون ڀڃي ڪري عارضي کڙڪيون ٺاهيون ويون هيون جنهن سان گهر جي اسٽرڪچر کي گهڻو نقصان پهتو آهي.