لنڊن(م ڊ) برطانيا ۾ تيل ڳولڻ جو لائسنس ڏيڻ خلاف احتجاج ڪندڙ ماحول دوست سماجي ڪارڪن ڪريسي گيٿن کي سزا ڏئي قيد ڪيو ويو آهي. گيٿن تي الزام آهي ته هن دنيا جي گولي کي گرم ڪندڙ ٻارڻ تيل خلاف احتجاج ڪندي عوام ۾ نفرت پکيڙڻ لاءِ عالمي سازش ڪرڻ جو الزام آهي. جنهن ڪري 7 لک ڊرائيور متاثر ٿيا ۽ 7 لک 60 هزار پائونڊن جو نقصان ٿيو. کين 4 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.