لنڊن (م ڊ) برطانيا ۾ چين جو مبينا جاسوس گرفتار ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب برطانوي اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته گرفتار ڪيل شخص برطانوي پارلياماني تحقيق ڪار آهي جنهن جو تعلق اهڙن ڪيترن ئي پارليامينٽ ميمبرن سان به هو جن کي انتهائي حساس معلومات تائين پهچ حاصل هئي. جن ميمبرن تائين تحقيق ڪندڙن کي پهچ ٿئي انهن ۾ سڪيورٽي بابت معاملن جو وزير ٽام ٽوگنڊهٽ ۽ پرڏيهي معاملن بابت ڪميٽي جي چيئرمين اليسيا ڪرنز شامل آهن. شڪي شخص کي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي امڪاني ڀڃڪڙي جو الزام ڀوڳڻو پوندو. شڪي جاوسس سان گڏ هڪ ٻيو شخص به گرفتار ڪيو ويو آهي، برطانوياختيارين موجب جوابدارن کان جاچ شروع ڪئي وئي آهي.