ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) برطانوي راڻي ايلزبيٿ  II جي تخت نشين ٿيڻ جي 70 هين سالگرهه جي موقعي تي برٽش ڊپٽي هاءِ ڪميشن ۾ راڻي جي سالگرهه ۽ پلاٽينم جوبلي جي تقريب ڪوٺائي وئي،  جنهن کي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا وچ ۾ هر سطح تي سفارتي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون وينديون، واپار، سياحت، تعليمي ۽ سفارتي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، برطانوي هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسچن ٽرنر سي چيو  ته راڻي جي 70 سالن جي قيادت، ايمانداري، محنت ۽ بي لوث خدمت جي اڄ پهرين کان وڌيڪ ضرورت آهي، راڻي جي ڪئڊلڪ ڪار اڄ به پاڪستان ۽ برطانيا جي لازوال دوستي جي علامت طور احاطي ۾ پارڪ آهي،