برمنگهم (م ڊ) برطانيا جو ٻيو وڏو شهر برمنگهم ڏيوالو ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾ پرڏيهي ميڊيا موجب برمنگهم جي ڪائونسل شهر جي مڪمل طور تي ڏيوالو ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو نوٽيس به جاري ڪيو ويو آهي. سي اين اين موجب اهو اعلان ملازمن کي 760 ملين پائونڊ (956 ملين ڊالرز) تائين جيتري اجرت ادا ڪرڻ جي حڪم کان پوءِ سامهون آيو آهي. ڏيوالي جي نوٽيس سان گڏ برمنگهم ڪائونسل ضروري سروسز کان سواءِ سمورا خرچ روڪي ڇڏيا آهن. سٽي ڪائونسل جي ڊپٽي ليڊر شيرون ٿامسن ٻڌايو ته کيس ملازمن کي اجرت ادا ڪرڻ جي ذميواري سميت ڊگهي مدي وارن مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. برطانيا جي موجوده حڪومت به برمنگهم جي فنڊنگ ۾ 1 ارب پائونڊ جي نقصان جي ذميوار آهي. هوڏانهن برطانيا جي وزيراعظم رشي سوناڪ جي ترجمان چيو آهي ته شهر جي بجيٽ جوا نتظام مقامي ڪائونسل ڪري ٿي. مقامي ماڻهن کي جوڳي آمدني ۽ خرچ ڪرڻ ۾ ڪائونسل جي مدد ڪرڻ لاءِ باقاعده سهڪار ڪيو آهي. ڪائونسل کي پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي.