برطانيا جي فحاشي واري قانون کي لوڏيندڙ ناول

0
59
برطانيا جي فحاشي واري قانون کي لوڏيندڙ ناول

 مون کي چڱي طرح ياد آهي ته اسي واري ڏهاڪي ۾ اسڪولي ۽ ڪاليجي دور ۾ جن افسانوي ادب جي ليکڪن جي ڪري منهنجو انگريزي طرف لاڙو وڌيو انهن ۾ ٻه ته صفا اهم آهن، هڪ خليل جبران ۽ ٻيو ڊي ايڇ لارنس. ۽ پوءِ ايڇ جي ويلس توڙي ٿامس هارڊي وڌيڪ دلچسپي وڌرائي، ان بعد ته هڪ ڊگهي لسٽ آهي. اها ڳالهه ان ڪري ياد آئي جو ڪتاب ڦلهوريندي ۽ صاف ڪندي مون کي لارنس جي ڪهاڻين جي اها مڪمل انٿالاجي نظر آئي جيڪا مون اسلام آباد مان پنجويهه ٽيهه سال اڳ رڳو اسي رپين ۾ خريد ڪئي هئي. مون سندس مڪمل ڪهاڻين جو اهو ڪتاب ٻه چار ڀيرا پڙهيو هو.

                 ڪجهه وقت بعد وري ڪراچي مان سندس زندگيءَ جو آخري ناول Lady Chatterley’s Lover هٿ آيو هو ته اهو به ٻه ٽي ڀيرا پڙهيو هوم ۽ ان سان گڏ ٿامس هارڊي جو ناول The well-Beloved به مليو هو. ڊي ايڇ لارنس جو پورو نالو ڊيوڊ هربرٽ رچرڊس لارنس هو پر سندس مشهوري مختصر نالي سان ٿي. 1885ع ۾ برطانيا ۾ ڄائو ۽ 44 ورهين جي ڄمار ۾ افساني ادب جون ڀريون ڏيئي 1930ع ۾ پرلوڪ پڌاري ويو.  ان مختصر وهي ۾ هن ڪيئي ڪهاڻيون لکيون هن جا پندرنهن ناول ڇپيا. سفرناما، شاعري ۽ ادبي تنقيد جهڙا ڪم به سامهون آيا ته هن جي مصوري جو ڪم به مشهور ٿيو. سندس خط به ماڻهن جي دلچسپي جو سبب بڻيا. سياست، روحانيت ۽ فلسفي جي موضوعن تي مضمون لکڻ سبب به سندس ناماچاري هئي.

جنهن ناول تي مئي پڄاڻان به هن تي شديد تنقيد ٿي ۽ سندس تخليق ڪورٽ جي ڪٽهڙي ۾ آندي وئي سو  “ليڊي چيٽرلي جو محبوب”  (Lady Chatterley’s Lover) هو. اهو سندس پسنديده موضوع جي حد سمجهيو ويندو آهي. ناول جو موضوع رومانس آهي پر اهو ان کان گهڻو اڳتي وڌي “فحش ناول” طور ڳڻيو ويو. هن جي ڪهاڻين جا موضوع ڪهڙا به هجن پر انهن ۾ اهو انساني جذبو ضرور آهي. ذڪر ڪيل ناول کي برطانيا، آمريڪا ۽ آسٽريليا جهڙن معاشرن ۾ به “فحش” چئي ڇپجڻ تي پابندي لڳائي وئي هئي، يا ان تي سينسرشپ لاڳو هئي پر دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به ان ناول جي ڇپجڻ تي رڪاوٽون هيون. ان کان اڳ به لارنس جي لکڻين تي سينسرشپ لاڳو رهي ۽ کيس تمام گهڻين مخالفتن جو منهن ڏسڻو پيو.

اهو نقاد ۽ ناولنگار ايم فاسٽر ئي هيو جيڪو سندس وڏو حمايتي به هيو ته بچاءُ ڪندڙ به هو ۽ ان جو خيال هو ته لارنس، “هنن جي دور جو تصور جي زور تي لکندڙ وڏي ۾ وڏو ناولنگار آهي.” لارنس جو اهو ناول برطانيا ۾ ادب ۾ “فحاشي” ۽ افسانوي ادب ۾ رومانس جي حوالي سان ان ڪري وڏي پڙاڏي وارو بڻيو جو ان تي هلندڙ ڪيس سبب قانونن ۾ بدلاءُ به آيو ته ان جي تشريح به سامهون آئي. برطانوي عدالت ۾ هن ناول جي حوالي سان هلندڙ ڪيس وڏي نوعيت وارو هو. “ليڊي چيٽرلي جو محبوب” ناول پهريائين 1928ع ۾ اٽلي ۽ 1929ع ۾ فرانس ۾ محدود ڳاڻيٽي ۾ ڇپيو. برطانيا ۾ ان جو پهريون ايڊيشن 1932ع ۾ ڇپيو پر ان مان رومانس توڙي جنسي عمل وارو سمورو مواد ڪڍي ڇاپيو ويو. 1959ع ۾ جڏهن نيويارڪ ۾ مڪمل ناول ڇپيو ته افسانوي ادب جي دنيا ۾ واويلا پئجي وئي ته اهڙي نموني به محبت جو اظهار سامهون اچي سگهي ٿو. جڏهن برطانيا ۾ پهريون ڀيرو اهو ناول 1960ع ۾ ڇپيو ته پنگوئين پبلشر کي عدالت ۾ گهليو ويو. عدالت کي فيصلو ڪرڻو هو ته اهو ناول “فحاشي” (Obscenity) آهي يا “ادب”. ٻارنهن ڄڻن جي جيوري ان فيصلي کان اڳ فاسٽر سميت رچرڊ لوگارڊ ۽ ٻين ڪيترن ئي نقادن ۽ ادب جي پارکن کي گهرائي سوال ڪيا. ٻارنهن ڏينهن لاڳيتو ڪورٽ ۾ بحث ٿيو ۽ نيٺ “فحاشي وارين لکڻين جي ايڪٽ 1959” جي تشريح ۾ صنعتي دور ۾ مرد ۽ عورت جي تعلق کي ادبي آزادي ۽ اظهار وسيلي پيش ڪرڻ کي مڃيو ويو ۽ ناول کي جيئن جو تيئن ڇاپي عام مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪرڻ جي اجازت وارو فيصلو ڏنو ويو.

هن ناول جو پلاٽ ۽ ڪهاڻي تمام گهڻي دلچسپ آهي. هڪ مالدار سر ڪلفورڊ خوبصورت عورت سان شادي ڪري ٿو پر پهرين مهاڀاري جنگ دوران هن جو هيٺيون ڌڙ ڪم ڇڏي وڃي ٿو. جنگ بعد هو پنهنجي زال سان جاگير ۾ رهي ٿو. سندس زال هن جي ڪٽنب چيٽرلي جي خاتون بڻجي وڃي ٿي. سر ڪلفورڊ صنعتڪار آهي ۽ ان سان گڏ لکڻ جو به شوق اٿس. وٽس پارٽيون به ٿين ٿيون جنهن ۾ ليکڪ به اچن ٿا ته صنغتڪار ۽ وڏا عملدار به شريڪ ٿين ٿا. سر ڪلفورڊ کي ڳڻتي آهي ته هن پڄاڻان چيٽرلي ڪٽنب جو نالو نشان نه رهندو ان ڪري هو پنهنجي زال کي چئي ٿو ته اها ڪنهن خانداني همراهه سان جنسي عمل ڪري، ٻيو نه ته نالي سان ته ڪٽنب جاري رهندو. هو کيس منع ٿو ڪري ته ان شخص کيس بابت معلوم نه ٿيڻ گهرجي ته اهو ڪير آهي. پر ليڊي چيٽرلي جو سندن جاگير جي فارم هائوس جي سنڀاليندڙ اوليور سان افيئر ٿي وڃي ٿو. اوليور هڪ ريٽائرڊ ڪرنل آهي. اهو هڪ اتفاق هوندو آهي جيڪو بعد ۾ ٻنهيءَ ۾پيار جي صورت به اختيار ڪندو آهي. انهن جي فطرت جي منظرن ۾ جنسي عمل کي جنهن نموني لکيو ويو آهي اها هڪ ڀرپور تصوراتي پيشڪش آهي. اها ڳالهه ڦهلجي وڃي ٿي، خاص ڪري اهي مزدور ان کي وڌائين ٿا جن تي ليڊي چيٽرلي جو مڙس ڪلفورڊ جبر ڪندو رهي ٿو. هن کي جڏهن خبر پئي ٿي ته هو زال سان ڪاوڙجي ٿو ته هن هڪ معمولي ماڻهو سان ڇو جنسي عمل ڪيو آهي جنهن مان هوءَ ڳورهاري به ٿي آهي. هو اوليور کي نوڪري مان به ڪڍي ڇڏي ٿو. ليڊي چيٽرلي جي ڀيڻ به وٽس اچي ٿي، جنهن مان اها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته ليڊي چيٽرلي هرکڻي رهي آهي ۽ هن جا اڳ به ايئن سيڪس افيئر ٿيندا رهيا آهن. هن ڀيري چيٽرلي واقعي عشق ۾ ورتل هوندي آهي ۽ مڙس کي ڇڏي وينس هلي وڃي ٿي ۽ ڪجهه وقت اڪيلائي ۾ گذارڻ بعد هن کي وري عشق ورائي ٿو ۽ اوليور جي ڳولا شروع ڪري ٿي. نيٺ کيس ڳولي هٿ ڪري ٿي. اولفورڊ اهو سوچي هن سان عارضي جدائي ڪندو آهي ته جيئن ٻئي وٿي بعد ملن ته انهن ۾ ساڳيو پيار موٽي اچي ۽ اهي طلاق کان بچي سگهن. ناول ۾ پهرين ۽ ٻي مهاڀاري لڙائين جي وچ ۾ تبديل ٿيندڙ برطانوي سماج جا انساني رويا ڏنا ويا آهن ۽ سرمائيداري جي بدلجندڙ شڪل کي بيان ڪيو ويو آهي. اوليور ۽ ڪلفورڊ جي تڪرار جي شڪل ۾ انگلينڊ جي سماج جي درجا بندي ٽٽڻ جي شروعات واري عمل جي نشاندهي به آهي.

انتهائي دلچسپ ناول آهي. وري جو هٿ لڳو ته هڪدم ان جي ڪهاڻي ياد اچي وئي ۽ ڪجهه حصا ٻيهر پڙهي لارنس جي اسلوب توڙي هن جي تصور جي سونهن جو مزو ورتو.