برطانيا جي “عظيم انقلاب” ۽ ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ هڪجهڙايون

0
24
برطانيا جي “عظيم انقلاب” ۽ ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ هڪجهڙايون

قومن جي حقن جي جدوجهد جا ڪيترائي پاسا ٿين ٿا ۽ جيتري جدوجهد گھڻ پاسائين ٿـئي ٿي، ان جي ڪاميابي جا امڪان ايترا ئي وڌيڪ روشن ٿين ٿا. انڪري جدوجھد جي سڀني پاسن کي مناسب اھميت ڏيڻ ۽ انهن تي ڪم ڪرڻ ضروري آهي. جدوجهد جو اھڙو ھڪ پاسو جدوجهد سان جڙيل عمل ۽ ان ۾ حاصل ڪيل ڪاميابين ۽ مختلف وقتن تي سکيل سبقن جون يادون به آهن. جدوجهد کي زنده رکڻ لاءِ جدوجهد جي تاريخ کي ياد رکڻ ۽ عوام ۽ ايندڙ نسلن کي وري وري ورجائي ٻڌائڻ جدوجهد جو ھڪ تمام ضروري عمل آهي. جدوجهد جي تاريخ ۽ حاصل ڪيل ڪاميابين جون يادگيريون قوم ۾ جدوجهد لاءِ اتساھ پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. جيتوڻيڪ اھڙي تاريخ ڪتابن ۾ موجود ھجي ٿي پر ھر ماڻهوءَ جي ڪتابن تائين پھچ ممڪن نه آهي ۽ ھن دؤر ۾ استعماري قوتون ماڻهن کي ڪتابن کان پري رکڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکيون آهن. جڏهن ته ھر فرد جو قومي جدوجهد جي واقعن کان واقف ھجڻ ۽ ان جي ياد تازي ڪرڻ جدوجهد کي زندھ رکڻ لاءِ تمام گهڻو اھم آهي. ان کان علاوه اسانجي ملڪ ۾ پڙهڻ جو گھٽ رجحان پڻ اھا تقاضا ڪري ٿو ته مزاحمت جي باري ۾ ماڻهن کي ڄاڻ ڏيڻ ۽ اتساھڻ جا ٻيا ذريعا (alternatives) به استعمال ڪجن.

قومي حقن کي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد جي تاريخ کي ھميشه لاءِ محفوظ ڪرڻ جو ھڪ بھترين طريقو جدوجهد سان وابسته يادگار ٺھرائڻ به آهي. اھڙن يادگارن جا دنيا ۾ ڪيترائي شاندار مثال موجود آهن، جن کي ڏسي قومون اتساھ حاصل ڪن ٿيون. آمريڪا جي شھر نيويارڪ ۾ لبرٽي جزيري تي نصب ٿيل “اسٽيچو آف لبرٽي” آمريڪي آزادي ۽ جمھوريت جو ھڪ شاندار  اهڃاڻ آهي. پيرس ۾ فتح جو دروازو (Arc de Triomphe) جيڪو انهن سورمن جي ياد ۾ 1806ع ۾ ٺاھيو ويو ھو، جن وطن لاءِ فرانس جي انقلاب ۾ جان جو نذرانو پيش ڪيو ھو، فرانسيسي قوم جي جدوجھد جي تاريخ کي ياد ڪرڻ جو ھڪ ٻيو شاندار مثال آھي. گجرات ۾ احمدآباد جي ويجهو مھاتما گانڌيءَ جي عدم تشدد جي جدوجھد جي يادگيري لاءِ سبارمتي آشرم پڻ ھڪ اھڙو مثال آهي، جتي ماڻهو وڃي عدم تشدد جي سياست تي پنهنجو عزم ورجائين ۽ پختو ڪن ٿا. اھڙي طرح قرارداد پاڪستان جي ياد ۾ لاھور ۾ مينار پاڪستان موجود آهي. اھڙا يادگار ۽ مجسما قومي يادداشت جا نشان ٿين ٿا ۽ جڏهن ماڻهو انهن کي ڏسن ٿا ته ڪجهه يادگيريون تازيون ٿين ٿيون ۽ اتساھ به ملي ٿو.

سنڌ جي تاريخ ۾ به ڪيترائي اھڙا واقعا ٿيا آهن، جن جون يادگيريون ماڻهن ۾ سياسي شعور کي زندھ رکڻ لاءِ تمام ضروري آھن. البته انهن جي يادگيرين کي زنده رکڻ لاءِ مناسب بندوبست نه ڪيو ويو آهي. مثال طور سنڌ ۾ برطانوي سامراج جي خلاف حر تحريڪ جي باري ۾ سنڌ جي اڪثر ماڻهن کي گھٽ خبر آھي. جيڪا معلومات آهي، اھا به اڻپوري آهي. ٻٻرلوءِ ڌرڻو، جيڪو سنڌ جي قدرتي وسيلن،  خاص طور سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ تي غير قانوني قبضي جي خلاف سنڌ جي ماڻهن جي اتحاد ۽ مزاحمت جي ھڪ عظيم اظهار طور سامھون آيو. ان کي ياد رکڻ سنڌ جي ماڻهن جي لاءِ تمام ضروري آهي. ھن ڌرڻي ۾ سنڌ جو حقيقي ۽ اصلوڪو روپ روز روشن جيان نظر آيو. ان ڌرڻي ۾ جتي سنڌ جي ماڻهن پنهنجي مضبوط قوت ارادي ۽ ڀرپور مزاحمت جو اظھار ڪيو ته اتي ھنن اھو به ثابت ڪيو ته ھو ڪيترا ته منظم ۽ باشعور آهن، جو ھنن سندن ايمانداري تي آڱرين کڻڻ جو ڪو به موقعو فراھم نه ڪيو. لکين ماڻهن جي ان ڌرڻي ۾ سنڌ جي ماڻهن مھمان نوازي جا نوان مثال قائم ڪيا. مقامي ماڻهن نه صرف ڌرڻي ۾ موجود ماڻهن جي کاڌي پيتي جو مڪمل خيال رکيو پر ڌرڻي جي ڪري روڊن تي بيٺل گاڏين جي ڊرائيورن ۽ مزدورن کي پڻ مفت ۾ کاڌو پيتو فراھم ڪيو. اھو ٻيو بحث آهي ته ڇا واقعي ڪينالن جو معاملو ختم ٿي ويو يا ٿوري وقت لاءِ ان کي ڌِڪيو ويو آهي پر ھن ڌرڻي ۾ سنڌ جي ماڻهن جي جيڪا سياسي تربيت ٿي آهي، سا بيمثال آهي. انکان علاوه ھن ڌرڻي ۾ سنڌ جي وڏن سياسي بتن جي سردمھري جي باوجود عوام ۽ خاص طرح وچولي طبقي پاڻ ملھايو ۽ اھو ثابت ڪري ڇڏيو ته سنڌ جو عوام شعوري طور تمام گهڻو اڳتي نڪري چڪو آهي. سنڌ ۾ سياسي شعور وڌڻ سان گڏ سنجيده سياسي قيادت جي کوٽ جو احساس به پيدا ٿيو آهي ۽ اميد ڪجي ٿي ته سنڌ جو سياستدان به ان حقيقت کي سمجهي وٺندو ۽ پنهنجي پاڻ کي شھزادو يا بادشاهه سمجهڻ ڇڏي عوامي نمائندي بنجڻ جي ڪوشش ڪندو. ٻي صورت ۾ سنڌ جي سياست جي ميدان مان ناڪ آئوٽ ٿي ويندو.

ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ سنڌ جي ماڻهن سڀ کان وڌيڪ اڳتي وڌي جديد سنڌ جي قومي وجود جي ھڪ منفرد ۽ مضبوط شڪل به پيش ڪئي، جنهن ۾ سنڌ ۾ رھندڙ ماڻهن ھر نسل، قوميت، زبان، ۽ مذهب کان بالا تر ٿي پنهنجي وطن ۽ ڌرتي سان محبت ۽ سنڌيت جو ثبوت ڏنو. ڪراچي کان ملتان تائين سپ ماڻھو ھم آواز ھئا ته “دريا تي ڌاڙو نامنظور”. قومي وجود ۽ پنهنجي وسيلن جي مالڪي ڪرڻ جا اھڙا مثال قومن جي تاريخ ۾ گهٽ ملندا آهن، جنهن ۾ ڪثيرالنسلي ماڻهو پاڻ کي وطن سان ۽ وطن جي ماڻهن سان اھڙو مضبوطي سان جوڙي ڇڏين، جو رنگ، نسل، مذهب ۽ ذات پات جا سڀ ويڇا ختم ٿي وڃن. اھڙي مزاحمت کي، جنهن ۾ لکين ماڻهو شريڪ ٿين، مڪمل طور پُر امن رکڻ پڻ آسان ڪم نه  ھو، پر سنڌ جي ماڻهن پنهنجي ۽ پنهنجي وسيلن جي بقا جي جنگ لڙڻ وقت ٻين جي وجود ۽ زندگي جو ڀرپور خيال رکندي پنهنجو پاڻ کي دنيا جي ھڪ انتھائي ذميدار قوم ثابت ڪيو.

ٻٻرلوءِ جي عظيم ڌرڻي کي سنڌ لاءِ مان برطانيا جي 1688ع واري عظيم انقلاب کان گھٽ نٿو سمجھان. انهن ٻنهي واقعن ۾ جيڪي ھڪجھڙايون آهن، انهن کي ڏسي ٻٻرلوءِ جي ڌرڻي جي اھميت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. سڀ کان پھرين ڳالهه اها ته ٻٻرلوءِ ڌرڻي سنڌ جي ماڻهن جي سياسي سوچ کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي.  برطانوي عظيم انقلاب بادشاھت تي پارليامينٽ جو تسلط قائم ڪيو پر ٻٻرلوءِ ڌرڻي سنڌ ۾ حڪومتي ڏاڍ تي عوامي طاقت جو تسلط قائم ڪري ڇڏيو آهي. ٻنهي واقعن ۾ ھڪ ٻي ھڪجھڙائي آهي ٻنهي تاريخي واقعن جو پُر امن ھجڻ، جنهن ۾ ٻٻرلوءِ ڌرڻو وڌيڪ سرس آهي. جنهن ۾ ڪوبه قتل جو واقعو پيش نه آيو. برطانوي عظيم انقلاب ملڪ ۾ جھڙي طرح  آئيني بادشاھت جو بنياد وڌو، اھڙي طرح سنڌ ۾ ٻٻرلوءِ ڌرڻي سنڌ جي ماڻهن ۽ حڪومت ۾ اھو احساس پيدا ڪيو آهي ته حڪومت ڪيتري به طاقتور ڇو نه ھجي پر اها آئين ۽ قانون کان مٿانھين نه آهي.

ان ڌرڻي تي ڪيترن ئي سنڌ جي بھترين دانشورن ۽ ليکڪن لکيو آهي ۽ لکندا رھندا پر اھو به ضروري آهي ته ڌرڻي واري جاءِ تي ھڪ عظيم يادگار تعمير ڪرايو وڃي، جيڪو ڪنهن به سرڪاري خزاني مان نه پر سنڌ جا وڪيل ۽ عام ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت ان يادگار جي تعمير ڪرائين. اھڙو قومي يادگار سنڌ جي ماڻهن کي ھميشه ان ڳالھ جو احساس ڏياريندو رھندو ته ھو ھڪ عظيم قوم آهن، جن کان سندن وسيلا ڪير به کسي نٿو سگهي ۽ ھو پُر امن جدوجهد ۾ يقين رکن ٿا. اميد آهي ته ان طرف سنڌ جي وڪيل ڪميونٽي به توجهه ڏيندي ۽ اھي سياسي پارٽيون، جن ان ۾ پنهنجو حصو ادا ڪيو، پنهنجو  پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.