لنڊن (انٽريسٽنگ نيوز) برطانوي بادشاهه چارلس ٽي جي رهائشگاهه ونڊسر ڪيسل ۾ داخل ٿيندڙ چور 2 گاڏيون چورائڻ بعد فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، اهو واقعو 13 آڪٽوبر تي پيش آيو هو، پر ان باري ۾ تفصيل هاڻي سامهون آيا آهن، برطانوي اخبار دي سن 17 نومبر تي هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ته 2 چورن ونڊسر ڪيسل جي ميدانن ۾ واقع هڪ فارم کي هدف بڻايو ۽ ڪنڊيدار تار ٽپي اندر داخل ٿيا، ٽيمز ويلي پوليس جي ترجمان ٻڌايو ته جوابدار هڪ فارم جي عمارت ۾ داخل ٿيا ۽ گاڏيون چورائي فرار ٿي ويا، ترجمان موجب هيل تائين ڪا گرفتاري ناهي ٿي ۽ ان حوالي سان جاچ ڪئي پئي وڃي، ٻئي طرف اخباري رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته چور 6 فٽ ڊگهي ڪنڊيدار تار کي ٽپي ميدان ۾ داخل ٿيا ۽ واپسي ۾ چوري ڪيل گاڏي سان فارم جي گيٽ کي ٽوڙيندي فرار ٿي ويا، گاڏي گيٽ سان ٽڪرائڻ تي عملي کي چورن جي خبر پئي هئي، لنڊن جي اولهه ۾ 20 ميل پري واقع 16 هزار ايڪڙ ايراضي تي ڦهليل ونڊسر ڪيسل جي ايڊيليڊ ڪاٽيج ۾ هن وقت شهزادو وليم ۽ سندس خاندان رهائش پذير آهي، رپورٽ موجب اهو سمجهيو پيو وڃي ته جڏهن چوري جو واقعو پيش آيو ته شهزادو وليم پنهنجي خاندان سان گڏ ڪاٽيج ۾ ئي موجود هيو، جڏهن ته برطانوي بادشاهه ۽ سندس گهرواري ان وقت اتي موجود نه هيا، اهو پهريون موقعو ناهي، جڏهن ونڊسر ڪيسل ۾ ڪو غير قانوني طور داخل ٿيو هجي، ان کان اڳ 2021ع ۾ هڪ ماڻهو تير ڪمان سان گڏ ونڊسر ڪيسل ۾ داخل ٿيو هيو، جنهن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو هيو.