لنڊن (م ڊ) برطانيا جو اعليٰ شاهي اعزاز پاڪستاني ليکڪ عارف انيس کي ڏنو ويو آهي. مشهور ليکڪ ۽ فلاحي ڪمن ۾ اڳڀرو رکندڙ عارف انيس برطانوي سلطنت جي “موسٽ آرڊر آف دي برٽش ايمپائر” جو ميمبر بڻجي ويو آهي ۽ هن پنهنجي هن بي مثال ڪاميابي کي پنهنجي وطن جي نالي ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستاني نسل جي ليکڪ ۽ ايڪسپريس جي ڪالم نويس عارف انيس انساني همدردي جي خدمتن عيوض “دي ميمبر آف دي موسٽ اڪسيلينٽ آرڊ آف تي برٽش ايمپائر” جو ميڊل ونڊسر ڪيسل ۾ منعقلد هڪ شاندار تقريب ۾ برطانوي شهزادي پرنس آف ويلز شهزاده وليم کان وصول ڪيو. هن ايوارڊ لاءِ عارف انيس جو نالو هلندڙ سال جون ۾ بڪنگهم پيلس ڪنگ چارلس جي پهرين باضابطه سالگره جي موقعي تي ڪيو هو.