لنڊن (انٽريسٽنگ نيوز) برطانوي ڀائرن جي هڪ جوڙي 48 هزار 339 مختلف پوڪيمون ڪارڊز گڏ ڪري گنيز ورلڊ رڪارڊ قائم ڪري ورتو آهي، پوڪيمون ٽريڊنگ ڪارڊ گيم سپر فين اون ۽ ڪونر گري پوڪيمون ڪارڊز جي سڀ کان وڏي ڪليڪشن جو رڪارڊ بنجامن ڊي گوئير کان حاصل ڪيو، هن 2023ع ۾ 34 هزار 310 ڪارڊ جمع ڪري اهو رڪارڊ بڻايو هيو، گري ڀائرن اهي ڪارڊز مختلف ملڪن مان گڏ ڪيا، جيڪي مختلف زبانن ۾ ڇپيل آهن، ڪونرگري جو چوڻ هيو ته سندس وٽ ڊچ زبان کان سواءِ هر ڪارڊ موجود آهي، ان کي ڳولڻ انهن لاءِ ناممڪن ٿي ويو آهي، اون چيو ته جيڪڏهن ڪنهن وٽ ڊچ فرسٽ ايڊيشن آهي ته اهو اسان کي ٻڌائي، ڀائرن ٻڌايو ته سڀ کان غير متوقع واقعو اهو هيو، جڏهن انهن ڪارڊز سان ڀريل هڪ بيگ خريد ڪيو، جيڪو ڪٿي مليو هيو.